کوسڪي اسپتال ۾سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ختم

کوسڪي(ن ع آ) گذريل ٻن مهينن کان مسلسل بند پيل رورل ھيلٿ سينٽر جي بحالي لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن جو 19 ڏينهن بک هڙتال ڪيمپ عوامي آواز ۾ مسلسل خبرون ھلڻ کان پوءِ ڊي سي بدين شاھنواز خان. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن سان ڳالھين لاءِ ڊاڪٽر عابد ميمڻ. ڊاڪٽر زاھد زئور. ۽مختيار ڪار ياسين پنھور تي مشتمل ٽيم کوسڪي موڪلي جنهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 19 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺل ڪارڪنن ميان خان کوسو ايوب ڀٽي. شاھنواز سيال. علي حيدر پنھور سان ڳالھيون ڪيون ڊاڪٽر عابد ۽ ٻين ڪارڪنن کي يقين ڏياريو ته سومر جي ڏينهن کان رورل ھيلٿ سينٽر کوسڪي کي بحال ڪري علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر عابد ميمڻ ڊاڪٽر زاھد زئور ڪارڪنن کي جوس پياري بک هڙتال ڪيمپ ختم ڪئي وئي اسپتال جي بحالي سان کوسڪي ۽ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر چائجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.