واهي پانڌي ۾ بااثرن جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي ۾ رستماڻي برادري جي ماڻهن بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان رستماڻي، علي بخش رستماڻي، ارشد رستماڻي، علي محمد رستماڻي خادم رستماڻي ۽ ٻين چيو ته چيو بااثر شبير لغاري ،ڪوڙا لغاري پنهنجا غنڊا ساڻ ڪري اسان جي سروي زمين تي قبضو ڪري اسان جي گهر جو تعميراتي ڪم روڪرايو آهي اسان جي ڇوڪرن سان وڙهيا آهن ۽ سامان کڻي ويا آهن اسان اهڙي دانهن کڻي واهي پانڌي ٿاڻي تي به ويا آهيون پر پوليس بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي  هنن ايس ايس پي دادو، آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور قبضو ختم ڪرائي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.