راڻيپور جا شهري ۽ سول سوسائيٽي اڳواڻ ٽول پلازه ڪيس مان بري

راڻيپور(رپورٽ: عامر مهيسر) راڻيپور ۾ ڇھ مهينا اڳ ٽول پلازھ راڻيپور انتظاميه پاران مقامي ماڻھن کان ٽيڪس اڳارڻ جي معاملي تان سول سوسائٽي پاران سياسي، سماجي ۽ شھري اڳواڻن پاران ٽول پلازھ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو هو.جنهن تي ٽول پلازھ انتظاميه جي مئنيجر مهراڻ گل پاران سول سوسائٽي شھرين، سياسي سماجي اڳواڻن مٿان  ڌرڻي جو ڪيس داخل ڪرايو هو. جنھن ڪيس جي ٻڌڻي سول ڪورٽ راڻيپور ۾ جج نظير حسين کوسو وٽ ٿي گذري. جنهن ۾ جوابدار ڄاڻايل سول سوسائٽي اڳواڻن شھرين ڊاڪٽر نذير کوکر،شوڪت گهانگهرو،علي امداد لاڙڪ،منظور ميمڻ،ساجد مڱريو ۽ ٻين کي ڪورٽ سڳوري باعزت بري ڪري ڇڏيو.جن مٿان ڪيس جي حوالي سان ڪا به شاھدي ثابت نه ٿيڻ تي سندن کي ڪيس مان باعزت بري ڪري کين ڪيس ختم ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.