نوابشاهه ۾ ذاڪر سهتو جي آزادي لاءِ 69 هين ڏينهن به احتجاج

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاھ پريس ڪلب آڏو ذاڪر سھتو جي جبري گمشدگي خلاف 69ھين ڏينھن بہ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن ۽ وارثن پاران احتجاجي بُک ھڙتال قومي اڳواڻ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، گل ڏاھري، منير ابڙو، راشد چانڊيو، عاقب شاھ، حسن ڪلھوڙو، ذاڪر سھتو جو ڀاءُ رضا سھتو جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي جتي اڳواڻن چيو تہ ذاڪر سھتو کي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي حڪمران مالڪي ڪندڙ سنڌ جي بھادرن کان خوف زدھ ٿي ويا آھن ھنن چيو تہ کنڀي گم ڪيل ذاڪر سھتو سميت ٻين قومي ڪارڪنن جي مٿان ڪو ڪيس وغيرھ آھي تہ انھن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.