موري جو واپاري ڪراچي مان اغوا، ڀنگ طلب، وارثن جو ڌرڻو

نوابشاھه (ڊ ر) نوابشاھ جي ھائوسنگ سوسائٽي جي رھواسي ۽ مورو جي مارفاڻي برادري جي چڱي مُڙس ۽ سرڪاري ٺيڪيدار عبدالرشيد مارفاڻي جي ناٺي عبدالرزاق چانڊيو ۽ عبدالرشيد جي ڀاءُ عبدالڪريم مارفاڻي جي اڳواڻي ۾ چانڊيا برادري جي ماڻھن نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران عبدالرشيد مارفاڻي جي مبينہ اغوا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو مظاھرين خاصخيلي برادري جي اڳوڻي سردار مرحوم سردار غلام مصطفيٰ خاصخيلي پُٽ ۽ ڪراچي جي سچل ٿاڻي جي پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي بعد ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالرزاق مارفاڻي چيو تہ منھنجو سُھرو عبدالرشيد مارفاڻي مورو جي ھڪ مشھور شخصيت ۽ 100 گھرن جو چڱو مُڙس آھي جيڪو وڏي عرصي کان سرڪاري ٺيڪا کڻندڙ آھي انھي جو خيرپور جي ايس ايس پي آفيس جي لائسنس براچ جي فدا حسين خاصخيلي، وفا خاصخيلي وارن سان گڏيل رئيل اسٽيٽ جو ڪاروبار ھُيو پر ڪجھ عرصو اڳ فدا خاصخيلي وارن جو عبدالرشيد مارفاڻي سان گڏيل ڪاروبار ختم ڪيو ۽ کائنس پنھنجي حصي جا پئيسا طلب ڪيا عبدالرشيد مارفاڻي کين سندن حصي جا پئيسا ڪجھ وقت ۾ حساب ڪتاب ڪرڻ بعد ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي انھي جي باوجود گذريل رات منھنجو سھرو عبدالرشيد مارفاڻي ڪراچي ۾ سچل ٿاڻي جي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ھڪ ھوٽل تي ماني کائي رھيو ھو تہ خاصخيلي برادري جي اڳوڻي سردار مرحوم غلام مصطفيٰ خاصخيلي جي پُٽ غلام مرتضيٰ خاصخيلي 15 کان وڌيڪ پوليس اھلڪار پوليس موبائيلون ۽ اڻڄاتل ھٿيار بند ساڻ ڪري منھنجي سُھري عبدالرشيد مارفاڻي سندس ڊرائيور قربان مارفاڻي کي ٽوڊي ڪار سميت زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا عبدالرشيد مارفاڻي جي فرزند نوابشاھ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيل بابر رشيد ڪراچي جي سچل ٿاڻي تي فدا حسين خاصخيلي سندس پُٽ وفا حسين، محمد رمضان خاصخيلي ۽ نذير اڄڻ خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائي آھي پر سچل ٿاڻي جي پوليس با اثر ڏوھارين خلاف ڪا بہ ڪاروائي نہ ڪئي آھي عبدالرزاق چيو تہ غلام مرتضيٰ خاصخلي مونکي موبائيل فون تي ڪال ڪري منھنجي سھري مغوي عبدالرشيد مارفاڻي جي بازيابي لاءِ 5 ڪروڙ روپيا ڀُنگ طلب ڪيو آھي ھن چيو تہ عبدالرشيد مارفاڻي شُگر ۽ بلڊ پريشر جھڙي مرض ۾ مبتلا آھي سندس حياتي کي خطرو آھي اسين چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ڪور ڪماندر ڪراچي کي اپيل ٿا ڪيون تہ اسان جي اغوا ٿيل عبدالرشيد مارفاڻي کي فوري طور بازياب ڪرائي سندس اغوا ۾ ملوث مرتضيٰ خاصخيلي، فدا خاصخيلي ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن جيڪڏھن ڪراچي پوليس 48 ڪلاڪن اندر مغوي عبدالرشيد خاصخيلي کي بازياب نہ ڪرايو تہ اسان سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين. ۽ نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.