ٽنڊو مستي ۾ پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف عورتن جو احتجاج

ٽنڊومستي (ن ع آ ) تعلقه ڪينگري جي ڳوٺ عبدالرحمان ناريجو واسين عورتن مردن ۽ ٻارڙن سميت پريس ڪلب ٽنڊو مستي آڏو پهچي پنهنجي برادري جي بااثر ماڻهن ۽ پيرڳوٺ ۽ وڏامهيسر ٿاڻن  جي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رپورٽ موجب. تعلقه ڪينگري جي ڳوٺ عبدالرحمان ناريجو واسين عورتن مردن امام زادي. مسمات رکيل خاتون. عنايتان خاتون. نجمه خاتون رجب ناريجو ۽ ٻين ننڍن ٻارڙن سميت پريس ڪلب ٽنڊو مستي آڏو پهچي پنهنجي برادري جي بااثر ماڻهن جبار ناريجو. منظور ناريجو ۽ ٻين بااثرن ۽ پيرڳوٺ ۽ وڏامهيسر ٿاڻن  جي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته چار مهينا اڳ اسان جي نوجوان ناري زاهده خاتون کي زبردستي اغوا ڪري ويا هيا ان معاملي تي اسان بااثرن خلاف قانوني طريقي سان انهن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪرڻ تان بااثرن اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي بااثرن اسان کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي جيڪي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ انهن بااثرن سان پيرڳوٺ ۽ وڏامهيسر ٿاڻن جي پوليس به ٻٽ بڻجي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي تنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان جي ماڻهن کي هروڀرو گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن لا۽ اسان ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آئي جي سکر ڏانهن اسان دانهيو آهي پر تنهن هوندي به ايس ايڇ او پير ڳوٺ اصغر علي عالماڻي ٿاڻي تي پنهنجو قانون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت بااثرن جي چوڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي ان موقعي تي هنن وڌيڪ آئي جي سنڌ. وزير اعلي سنڌ. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.