ڊينگي مڇر کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي انتظام ڪيا وڃن

ملڪ اندر ڊينگي وائرس جي وڌندڙ ڪيسن جي حوالي سان صحت جي قومي اداري (اين آءِ ايڇ) ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب ڊينگي مڇر لڳ ڀڳ  پاڪستان جي سڀني علائقن ۾ موجود آهي. اين آءِ ايڇ موجب ڊينگي مڇر جي سڃاڻپ ماڻهوءَ جي جسم تي موجود ڪارن ۽ اڇن نشانن سان ڪري سگهجي ٿي. صحت جي قومي اداري موجب سال 2019ع ۾ ڊينگي بيماري سبب 95 فوتگيون ٿيون  جڏهن ته ان جا 53  هزار 498 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته سال 2020ع ۾ ڊينگي وائرس جا 6 هزار 16 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ هلندڙ سال سيپٽمبر تائين ڊينگي جا 3 هزار 795 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

انگ اکر جيڪي به هجن پر اها تمام ڳڻتي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي لڳ ڀڳ هر علائقي ۾ ڊينگي مڇر موجود آهي. اسانکي افسوس آهي ته حڪومتي سطح تي  صحت ڏانهن جيڪو ڌيان ڏيڻ گهرجي سو نٿو ڏنو وڃي. چوندا آهن ته صحت آهي ته جهان آهي سو صحت سان ئي سڀ ڪجهه آهي. سياست هجي، سماجي ڪم هجن، انقلاب آڻڻا هجن يا حڪومتون ڪرڻيون هجن سڀ صحت سان آهن. صحت ناهي ته ڪجهه به ناهي. ماڻهو جيئرو هوندو ته دنيا جا ڪم ڪندو پر افسوس ته هتي صحت کي بنيادي اوليت ناهي.

حڪومت کي پاليسي موجب صحت، تعليم ۽ عوام جي بنيادي حقن نمبر ون ايجنڊا طور آڏو رکڻ گهرجي. اڄ ملڪ اندر جيڪي به وڏا مسئلا آهن سي سڀ ان ڪري ئي آهن جو حڪومت جون اوليتون درست ناهن. صحت جي حوالي ۾ ئي ڏسجي ته ملڪ اندر بيماريون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن ۽ دوائون وري تمام گهڻو مهانگيون ٿينديون ٿيون وڃن. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ملڪ جي سڀ کان گهڻي بجيٽ صحت، تعليم ۽ عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ تي خرچ ڪجي پر هتي جنگين ۽ هٿيارن تي گهڻي ۾ گهٽي بجيٽ رکڻ جو رواج رهيو آهي.

بيمارين جي حوالي سان ڏسجي ته اصولي طور تي سڀني ماڻهن جو علاج مفت ۾ ڪرڻ جو نظام قائم ڪرڻ گهرجي ۽ بيمارين کان بچاءُ جا وڌ کان وڌ انتظامي ڪيا وڃن. ٻيو بيمارين کي ڏسندي تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن. مثال طور تي جيڪڏهن هن موسم ۾ ڊينگي مڇر وڌيو آهي ته ان لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊينگي مڇر کان عوام کي بچايو وڃي. ملڪ اندر فوري طور تي مڇر مار مهم هلائڻ گهرجي. مڇر مار اسپري ڪرائڻ گهرجي، بيٺل پاڻي کي سڪائڻ يا نيڪال جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، گند کي سڪائڻ يا نيڪال جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، گند ڪچرو صاف ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ جيڪڏهن حڪومت کي سالياني بجيٽ ۾ صحت لاءِ وڌيڪ فنڊ رکڻ جي ضرورت هجي ته اها به رکڻ گهرجي. حڪومت کي پنهنجي صحت کاتي کي انتهائي مضبوط ۽ متحرڪ ڪرڻ گهرجي. صحت کاتي جي تمام سٺي ۽ وڏي ٽيم هئڻ گهرجي جيڪا رڳو فائيلن ۽ ڪاغذن ۾ نه پر عملي طور ڪم ڪندي نظر به اچي.  حڪومت لاءِ ته اهڙا ڪم ڪرڻ مسئلو ئي نه هئڻ گهرجي. پر بظاهر ايئن ٿو لڳي ته حڪومت به عام ماڻهن وانگر بيمارين آڏو بي وس آهي.

اسان ايٽمي ملڪ هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهيون  حالت اها آهي ته ڊينگي جي مڇر کان به عوام کي محفوظ نه ڪري سگهيا آهيون. اسان کي اها حڪومتي طاقت گهرجي جيڪا بيمارين کي ناس ڪري سگهي. عوام کي صحتمند بڻائي سگهي. پر مسئلو ان پاسي ڌيان نه ڏيڻ جو آهي ٻيو ڪجهه به ناهي. اسان وٽ سڀ حڪومتي انتظام آهن پر آفيسن ۾ ويٺي پگهارون کڻڻ جي بيماري پئجي وئي آهي. صحت جي وزارت، سرڪاري عملدار ۽ آفيسر ڪک ٻيڻو ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. ڪير پنهنجي حصي جو 50 سيڪڙو  به ڪم نٿو ڪري، ڪرڻ ته سئو سيڪڙو گهرجي. پر ايئن ناهي ڇاڪاڻ ته اسان جو سڄو معاشرو ڪرپٽ ٿي چڪو آهي. انفرادي طور تي ماڻهو ڪرپٽ ٿئي ته ايڏو هاڃو ناهي پر جيڪڏهن سڄو معاشرو ئي ڪرپٽ ٿي وڃي ته اهو سڀ کان وڏو الميو آهي.

جيستائين ڊينگي وائرس جي خاتمي جو سوال آهي ته صحت کاتي کي هنگامي حالتون لاڳو ڪري سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي.هتي هميشه چوماسي جي مينهن کانپوءِ بيٺل پاڻي تي مڇر پيدا ٿيندا آهن جيڪي بيمارين کي جنم ڏيندا آهن، تڏهن ئي فوري طور تي سڄي ملڪ اندر مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي ها، گند ڪچرو کڻايو وڃي ها ته مڇرن کي پيدا ٿيڻ جي همت ئي نه ٿئي ها.ماضي ۾ مڇر مار اسپري جو سٺو نظام هوندو هو پر جيئن جيئن اسان جديد ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ وڌي رهيا آهيو تيئن تيئن صحت جي معاملي ۾ اسان پٺتي ٿيندا ٿا وڃون. حڪومت کي گهرجي ته اشتهارن ذريعي ڊينگي مڇر کان واقف ڪرڻ لاءِ اخبارن  ۽ ميڊيا کي اشتهار ڏنا وڃن جن ذريعي عوام کي جاڳرتا ملي ۽ اهي پاڻکي ڊينگي مڇر کان محفوظ ٿيڻ جو انتظام ڪري سگهي ۽ گڏوگڏ حڪومتي مشينري کي پڻ ميدان ۾ اچڻ گهرجي.

رپورٽون آهن ته جماعت اسلامي جو فلاحي ادارو  الخدمت ان حوالي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪيترن علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو آهي. جيڪڏهن الخدمت ادارو وارو پنهنجن وسيلن سان اهڙو نيڪ ڪم ڪري سگهي ٿو ته حڪومت جا وسيلا ته تمام وڏا آهن. رڳو انهن کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي.

هتي اسان عوام تي به زور ڀرينداسين ته اهو پنهنجي طور تي به بيمارين کان بچڻ جو سوچي ۽ صحت جي حوالي سان پنهنجي شعور ۾ اضافو ڪري، بيمارين بابت مطالعو ڪري، مضمون پڙهن ۽ ان روشني ۾ پاڻ کي بيمارين، مڇرن وغيره کان بچڻ لاءِ صاف سٿري ماحول ۽ خوراڪ جو انتظام ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.