ڪورونا جي وبا کانپوءِ ذهنن تي پيل اثر

تحرير؛ڊاڪٽر ذوالفقارعلي جمالي

گوتم ٻڌ کي مفلسي ،  محتاجي ۽ موت جي مشاهدي تخت و تاج  کي خيرباد چوڻ تي مجبور ڪيو ھو. ھماليا جي سرزمين جيڪا نيري آڪاش ھيٺ ڪھڪشائن کي چميون ڏيندڙ سرزمين آهي اتي بادشاهي محل ۾ پلجندڙ گوتم ٻڌ پنهنجي راڻي ، حڪمراني ۽  ھندورن مان رات جي تاريڪي ۾  خاموشي سان لڪي نڪري ويو . صبح جو مائٽ کيس محل ۾ ڳوليندا رھيا . گوتم ڏور ڏور  وڃي ڪي رڃ ۽ رڻ وسايا.  جنهن رڃ جي صبح توڙي شام تي مايوسي ۽ ناڪامي جا ڪڪر ڇانيل رھيا ٿي پر گوتم مايوس نه ٿيو ھر وقت ان سوچ ۽  لوچ ۾ لڳو رھيو ته آخر ھن حياتي جي مصيبتن مان ڪيئن ڪاميابي سان ٻيڙي پار ڪجي ؟ ” . کيس گھمندي ڦرندي اھا  ” مڪتي ” حاصل ٿي جنهن کيس اصل پردي پويان حقيقت کان روشناس ڪرايو ته ” جيڪڏهن قرباني ڪرڻي آهي ته پوءِ انسان کي گھرجي ته ھو پنهنجي ڪاوڙ ، حسد ۽ خواهشن کي قربان ڪري ” .

گوتم عدم تشدد جي فلسفي جو باني ھو . ليوٽالسٽائي   جيڪي عدم تشدد جو سبق ڏنو ان جون ڪڙيون گوتم جي ڏنل فلسفي سان ملن ٿيون . برءِ صغير جو نالي واري سياستدان مھاتما گانڌي  وري ليوٽالسٽائي جي عدم تشدد جو سبق  مان متاثر ٿيل آهي . ٻڌمت جي تعليم جو ڪو جامع ڪتاب دنيا ۾ ڪٿي به موجود ناھي البت سندس تعليم کي سندس پيروڪارن جي مدد سان دل کان دل تائين پھچايو ويو .  ڏٺو وڃي ته تاريخي طور ھر نظريي يا مذهب ان وقت ترقي ڪئي آهي جڏهن اھي رياست جا نظريا يا مذهب قرار ڏنا ويا . ٻڌ مذهب جي قسمت ڀلي ھئي جو  اشوڪا ان جو پيروڪار ٿيو جنھن جي بادشاھي دوران ٻڌ مت  ھندستان ۾  ته فقط پروان چڙهيو پر  مضبوط پڻ ٿيو . جيئن  ته اشوڪا بذات خود ٻڌ مذھب جو پوئلڳ ھو تنهن نه فقط ٻڌ مذھب جي تبليغ ڪئي پر ساڻ ٻڌ مذهب کي پنهنجي رياست جو مذهب قرار ڏنو.

اوڻويھه سئو اوڻيھه جي ڊسمبر جي سرد راتين ۾ چين جي شھر ووھان مان آڪاش بيل جيان دنيا جي نقشي کي وڪوڙيندڙ ڪورونا وبا آخري پساھن  ۾ آھي. پاڪستان جي ويهھ ڪروڙ آبادي مان فقط ساڍا ٽي سئو ٽيسٽ مثبت آيا آهن . ايتري گھٽ ٽيسٽن جي مثبت اچڻ جو سڀ کان وڏو سبب ڪورونا جي ويڪسين دريافت آھي جنهن سبب دنيا جا سمورا ملڪ وڏي تيزي سان پنهنجي عوام کي ٽڪا لڳرائي رھيا آھن ٻيو عوام جو خود بخود ھرڊ اميونٽي پڻ آھي . ڏٺو وڃي ته  دنيا ويھن مھينن جي عرصي کان پوءِ  مس مس وڃي گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان نڪرڻ شروع ٿي آھي.  وبا ۾ ڪٽجي ويل دنيا جا در ۽ دروازا ٿورڙي چيڪاٽ سان کلي رھيا آهن. اڄ انهن دروازن مان معصوم مرڪندڙ ٻارڙا پٺن تي اسڪولي ٿيلھا کڻي نڪرڻ شروع ٿيا آھن جن کي سندن مائرون چمي ڏئي دعا خير سان  سفر تي موڪلي رھيون آھن.

جڏھن وبا شروع ٿي ھئي ته نفسيات جي بيمارن جي ماھرن گھرو تشدد جو دورانديش معاملو اٿاريو ھو جنھن ۾ زال مڙس ، گھرڀاتين ،  نوڪرن ۽ اوڙي پاڙي وارن سان جھڳڙالو روين جو ذڪر زور ڏئي چيو ويو ھو . جيئن ته وبا جي ڪري ملڪي درآمد ۽ برآمد جا معاشي معاملا بلڪل ٺپ ٿي ويا ھيا . کوڙ سارا اھڙا  وچين درجي جا واپاري ھيا جيڪي بلڪل وڃي زمين  سان لڳا آھن تنهن ڪري روزگار جا موقعا ڪافي  گھٽجندا پيا وڃن . شروعاتي ڏينهن ۾ تمام ٿورڙيون ڪمپنيون مثلا دواساز ڪمپنيون سخت اپاءِ ھيٺ تمام گھٽ اسٽاف سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيون ھيون سي سڀ ھاڻي مڪمل کولي ويون آهن.

ھڪ طرف وبا جو خوف ته  ٻئي پاسي پنهنجي بي وسي فرد جي زندگي تي ڪافي ناڪاري اثر ڇڏيا آهن . جيئن اڪثر اھو سائنسي طور  ڏٺو ويو آھي جڏهن ڪنهن علائقي  ۾ زلزلو اچي ٿو ته ان زلزلي جا پوءِ به  اتي اثر  ” آفٽر شاڪس ” ٿين ٿا ۽ اڪثر ننڊ ۾ ستل ماڻھو زلزلي جي خوف ۽ کٽڪي ڪري اگھور ننڊ مان رڙيون ڪندي اٿي بيخودي ۾ چوي ٿو ته ” زلزلو اچي ويو ” ـ بلڪل  انھيءَ ريت ڪورونا وبا خلق خدا ۾ ايترو ته خوف وجھي ڇڏيو  آھي جو ڪنهن کي جيڪر ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو ته مريض سمجھيو ته ” ڄاڻ موت جو فرشتو اجھو اچي پھتو ” .  جڏهن ته  ائين ھرگز ڪو نه ھو ڪورونا وبا وگھي مري ويندڙن جو تعداد ڪل آدمشماري جي حساب سان ھڪ سيڪڙو جي  برابر به ناھي پر سماجي رابطن جي ادارن  اخبارن ، فيس بڪ ،  واٽس اپ ، ميسينجر يا حالات حاضرا جي خبرن  عوام ۾ ايترو ته خوف ڀري ڇڏيو آھي جنهن سبب جي ڪري عام ماڻهوَ جي نفسيات تي خوف جا انتھائي  ھاڃيڪار اثر پيا آھن . جيتو ڻيڪ ڪورونا ڪري کوڙ سارن ڪٽنبن جا پيارا موت جي وادي ۾ هلياويا، ڪي اھڙا به گھر ھيا جنهن ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي فرد جھان ڇڏي ويا آھن جت ڪربلا واري حالت آھي .

سماجي ۽ معاشي طور  ڪافي جڳھن تي وچين درجي جا واپاري صفا چٽ ٿي ويا آھن ـ فصلن جي قيمت تمام گھٽ رھي جڏهن ته  کاڌ خوراڪ ، دوائن   ۽  تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالھائڻ  لڳيون آھن ـ ملڪي درآمد ۽ بر آمد جي مٽاسٽا اڌواڌ ڪري پئي آهي . ملڪي ڪرنسي پنھنجي قدر ۽ قيمت وڃائيندو پيو وڃي جيئن ته وبا ڪري انساني وندر جا سمورا ذريعا بند پيا ھيا گھٽون روڊ رستا ويران ھيا ڇاڪاڻ بين صوبائي يا وڏن شھرن ۾ آمدرفت بند ھئي انهيءَ سبب ڪري عام ۽ خاص  ماڻهوَ جي نفسيات  تي انتھائي منفي اثر پيا آھن جن مان  ڪاوڙ ،غصو ، چڙ ، نااميدي ۽ خوف سرفهرست اچي وڃن ٿا.

سماج ۾ انهن ماڻھن تي اڃان به وڌيڪ ناڪاري اثر ٿيو جيڪي اڳئي ڳچين ۾ لوھي شيخون ٻڌيو پئي ھليا. جن کي وبا دوران ڪو ٻڌڻ ، سلام ڪرڻ ۽ کنگھڻ  وارو ئي ڪونه ھيو سي ذھني فرسٽيشن جي اثر هيٺ اچي ويا آهن  جنھن جو وڏو  مثال حيدرآباد ۾  ھڪ سرڪاري ڪاموري ھٿان پنهنجي  بيگناھ نوڪر کي سڌيون گوليون ھڻي مارڻ آهي . مقتول جو ڏوھ فقط ايترو ھو جو ھن ڪاموري صاحب جو مور پکي گم ڪري ڇڏيو ھو. ائين به ٿي سگھي مور ڪنھن ٻئي سبب يا پاڻ مرادو  ڏاھ کائي ڪاڏي  اڏامي ويو ھجي جتي کيس ڪنهن طوطري  لڪائي ڇڏيو ھجي . پڃري ۾ پکي پورڻ واري جي نفسيات کان ھرڪو واقف آھي .

ٻيو واقعو نواب شاھ ۾ پئسن نه ڏيڻ تان ھڪ نوجوان پاران سندس جيجل ماءِ کي منهن ۾ سڌو ڪھاڙن جا وار ڪري مارڻ هو. .  ٻئي بي گناھ پرتشدد  قتل معاشري ۾ سنگين نوعيت جي نفسياتي مرضن جي نشاندھي ڪري رھيا آھن . ان جي لاءِ رياست جي ذميواري آھي عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي ، ذھني نشونما لاءِ وندر ،  تعليم ۽ تربيت جا پروگرام سماجي رابطي جو ادارن وسيلي شروع ڪيا وڃن .

رياست ۽  عوام جي وچم پيدا ٿيل فاصلي ۽ خال کي ڀريو وڃي . حڪمران عوام جا  ڀرجھلا ٿي ان سان ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي بيھن . ٻيو اھڙن سنگين ڏوھن ۾ ملوث ملزمن جي ھرگز پٺ ڀرائي ٿيڻ  نه ڏني وڃي ته کين ڪڙي کان ڪڙي سزا ملي ته جيئن ڪورونا کان پوءِ بھتر سماج جڙي سگھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.