بند گھٽيءَ ۾ ڦاٿل پي ٽي آءِ جي سرڪار

تحرير؛مير ذوالفقار چانڊيو

موجوده حڪومت جي اچڻ سان ملڪ اندر وقفي وقفي سان ڪڏهن کنڊ جو بحران ته ڪڏهن وري پيٽرول بحران ته ڪڏهن وري ڪڻڪ جو بحران سميت کاڌي پيتي جي ڪافي شين جو بحران پيدا ٿيندو رهيو آهي جنهن کي ڪنٽرول ۾ نه رکڻ وقت جي حڪومت جي وڏي مان وڏي ناڪامي چئي سگهجي ٿي خير اھي بحران سڀ ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪا آهن پر اڄ ڪلهھ ملڪ جي موجوده حالتن ۾ سياسي بحران پيدا ٿي چڪو آهي جنهن کي حڪمت عملي سان منهن ڏيڻ وقت جي حڪومت جي ذميواري آهي ته ان وڏي سياسي بحران کي ڪيئن ٿا منھن ڏئي سگھن.

گذريل ٻن ھفتن کان اسلام آباد ۽ پنڊي شھرن ۾ رهندڙ اھم شخصيتن ۾ پڻ ھڪ بحران پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو حل ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي اھو بحران تڏهن پيدا ٿيو جڏهن اوچتو ملڪ جي حساس ادارن ۾ وڏن عهدن تي مقرريون ٿيون جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل حميد کي بدلي ڪري سندس جڳهھ تي جنرل نديم انجم کي سندس عھدي تي رکيو ويو ان عھدي تي رھڻ واري جو ڪم سڄي ملڪ جي فوج جي اندرين توڙي ٻاهرين مسئلن کي ڏسڻ ھوندو آھي سولن لفظن ۾ ائين آهي ته اھو عھدو پاڪ فوج جو ترجمان آهي آرمي چيف جي عھدي کان پوءِ فوج اندر ان عھدي جي وڏي اھميت ھوندي آھي اھڙي وڏي عھدي جي مقرري ٿي وڃڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت ۽ فوج اندر شديد اختلاف سامهون اچي رهيا آهن جنهن جو وڏي مان وڏو مثال ته ٻه ھفتا گذري وڃڻ باوجود ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو آهي جنهن تي حڪومت توڙي پاڪ فوج اندر اڃا ڊيڊ لاڪ برقرار لڳو پيو آهي.

ان سان گڏ ھاڻي وري حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۾ شديد اختلاف سامهون آيا آهن ته ٽي ايل پي جو سربراھ سعد رضوي جيڪو گذريل ست مھينن کان حڪومت جي نظربندي ۾ قيد بڻيل آهي جنهن کي لاھور مئجسٽريٽ کان وٺي سيشن ڪورٽ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي سعد رضوي جي نظربندي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي پر حڪومت ڄاڻي واڻي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ لاءِ ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ملڪ جي خاص ڪري لاھور ۽ اسلام آباد جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي ٽي ايل پي پاران پنھنجي عظيم قائد سعد رضوي جي آزادي ۽ فرانسيسي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي لاءِ پنجاب مان قافلا اسلام آباد جي طرف روانا ٿي چڪا آهن ان سان گڏ موجوده حڪومت لاءِ وڏي مان وڏو چيلينج اپوزيشن پارٽيون آهن جيڪي ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جي مسئلي تي سڄي ملڪ اندر احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن جتي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي حڪومت جي نااهلين کي ظاھر ڪيو پيو وڃي پي ڊي ايم جا احتجاج ھجن يان وري پ پ پ جا مظاهرا روڊ بلاڪ ھجن ڀلي حڪومت کي گھر نه موڪلي سگھن پر وقت جي حڪومت کي پريشان ضرور ڪري سگھن ٿا پر موجوده حڪومت لاءِ وڏو مسئلو بلوچستان حڪومت بچائڻ آهي جتي وزيراعلي ڄام ڪمال جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ٿي چڪي آهي جنهن تي ووٽنگ سومر جي ڏينهن رکي وئي آهي جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ڄام ڪمال جي حڪومت گھر وڃي سگھي ٿي.

خير اھو ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر موجوده حڪومت ملڪ جي ڳنڀير مسئلن اندر اھڙو ڦاٿل نظر اچي ٿي جنهن مان حڪومت جو صحيح سلامت نڪرڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي موجوده ملڪي مسئلن مان نڪرڻ لاءِ حڪومت کي گهرجي ته سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري، انا پرستيءَ کي ڇڏي نياز نوڙت وارو رستو اختيار ڪري، صبر تحمل سان موجوده حالتن کي منهن ڏئي سگھي ٿي جيڪڏهن حڪومت طرفان جارحاڻو رويو رکيو ويو يان پرتشدد ماحول جوڙيو ويو ته يقينن موجودہ حالتون ڪنھن وڏي سانحي کي جنم ڏينديون عام تاثر آهي ته ھٿ سان وٺي ملڪي حالتن کي خراب ڪري وزيراعظم عمران خان تي دٻاءُ وڌايو وڃي جنهن ۾ عمران خان اسيمبلين کي ٽوڙي سگھي ٿو يان وري حالتن کي پنهنجي رحم ڪرم تي ڇڏي ملڪ مان فرار ٿي سگهي ٿو جنهن سبب عمران حڪومت لاءِ ٻه ھفتا اھم ٻڌايا پيا وڃن جنهن ۾ ڪجهھ به وڏو مسئلو سامهون اچي سگهي ٿو خير اھو ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته موجوده صورتحال ڪٿي دنگ ڪندي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.