روسي صدر جو افغان طالبان کي دهشتگرد تنظيمن مان ڪڍڻ وارو بيان، هندستان لاءِ لوڏو آهي؟

تحرير؛

روسي صدر ولادمير پيوٽن چيو آهي ته افغان طالبان کي دهشت گرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ ممڪن آهي، پر گڏوگڏ هن جو اهو به چوڻ اهي ته اهو فيصلو گڏيل قومن جي سطح تي ڪرڻ گهرجي. روسي صدر پيوٽن گذريل ڏينهن انٽرنيشنل والدائي ڊڪشن ڪلب جي هڪ اجلاس ۾ چيو  ” ظاهر آهي ته سڄي افغانستان جو ڪنٽرول طالبان جي هٿ ۾ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته طالبان هاڪاري ماحول کي يقيني بڻائيندو. طالبان بابت اسان کي گڏيل طور فيصلو ڪرڻ گهرجي. اسان طالبان کي دهشتگردن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي تي غور ڪنداسين ۽ اسان ان فيصلي جي ويجهو پهچي ويا آهيون“

افغان طالبان کي دهشتگرد گروپن جي فهرست مان ڪڍڻ بابت سندس چوڻ هو ته ان عمل ۾ روس اڪيلو ناهي.

هتي روس ۾ افغانستان تي ڳالهين لاءِ ڪيل ماسڪو فارميٽ به ختم ٿي چڪو آهي، چيو پيو وڃي ته هندستان ماسڪو فارميٽ کان پڌري ٿيل بيان تي خوش ناهي. ماسڪو فارميٽ پاران  ان بيان ۾ چيو ويو آهي ته طالبان افغانستان ۾ هڪ نئين حقيقت آهي ۽ هن ملڪ سان لاڳاپن ۾ به ان کي آڏو رکڻو پوندو. ڇو ته  اهو سمجهيو پيو وڃي ته افغان طالبان تي پاڪستان جو اثر رسوخ آهي ته ايئن ماسڪو فارميٽ جي هن بيان کي هندستان جي حق ۾ نٿو سمجهيو وڃي.  هتي روسي صدر پيوٽن چيو آهي ته افغان طالبان کي دهشتگردن جي فهرست مان ڪڍي سگهجي ٿو.

هندستان ۾ پاڪستان جي اڳواڻي هاءِ ڪمشنر ماسڪو فارميٽ جي بيان بابت چيو آهي ته ماسڪو فارميٽ جي بيان مان اهو چٽو ظاهر ٿئي ٿوته طالبان کي حقيقي حڪمران تسليم ڪيو ويو آهي. ماسڪو فارميٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهيون رڳو طالبان سان ٿينديون. هڪ جامع حڪومت بابت به ڳالهه ٿي آهي. هاڻي طالبان کي ان ڳالهه جو اندازو ٿي ويو آهي ته هر ڪو هن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. گڏيل قومن مطابق سربراهي اجلاس گهرائڻ جي ڳالهه به ٿي آهي.

هن جو چوڻ هو ته هندستان اهو به چيو آهي ته اهي انسان دوست مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اها طالبان سان هندستان جي ٻي گڏجاڻي هئي. افغانستان ۾ دلچسپ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. دنيا هاڻي طالبان کي حڪومت طور ڏسي رهي آهي، واضح رهي ته ماسڪو فارميٽ ڳالهيون 20 آڪٽوبر روس جي گاڌي واري هنڌ ماسڪو ۾ ٿيون.

انهن ڳالهين ۾ روس، چين، پاڪستان، ايران،ڀارت، ڪازڪستان، ڪرغستان، تاجڪستان، ترڪمنستان ۽ ازبڪستان جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت جو هڪ اعليٰ سطحي وفد نائب وزيراعظم مولوي عبدالسلام حنفي جي قيادت ۾ شريڪ ٿيو. جڏهن ته  هلندڙ هفتي ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير به افغانستان جو دورو ڪندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.