بحرانن ۾ وڪوڙيل عمران خان جي حڪومت

تحرير؛ علي محمد ميمڻ

پاڪستان پنهنجي تاريخ جي تمام وڏي بحران مان گذري رهيو آهي، حڪومت اندر ۽ ادارن جو جهيڙو چوٽ چڙهي چڪو آهي ۽ ملڪ جي عوام ۽ وزير اعظم عمران خان واري حڪومت ۾ڇڪتاڻ بلندين کي ڇهي رهي آهي. ملڪ مهانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيڻ بعد هاڻي سمورن صوبن ۾ ، حڪومت خلاف احتجاج، جلسا، جلوس ۽ ريليون شروع ٿي ويو آهن .

پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪارساز سانحي ۽ شهيدن واري ڏينهن جي موقعي تي 17 آڪٽوبر تي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سرواڻي ۾ڪراچي جي باغ جناح ۾ ڪيل تمام وڏي احتجاجي جلسي سنڌ صوبي ۾ احتجاج واري تپش تيز ڪري ڇڏي آهي، پيپلز پارٽي طرفان وڌيڪ ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ شروع ڪيل احتجاج  ۽ مظاهرن ۽ گذريل ڏينهن وزير اعلي سنڌ  مراد علي شاهه طرفان ڪراچي جي صنعتي علائقي لانڍي ۾ پيپلز پارٽي جي مظاهري ۾نه صرف شريڪ ٿيو پر ان کي خطاب ۾ وفاقي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. هوڏانهن، مسلم ليگ ن ۽  پي ڊي ايم جي مختلف جماعتن طرفان پڻ سموري ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿي ويو آهي، انهن سمورين جماعتن جو بنيادي مطالبو وزير اعظم عمران ۽ ان جي حڪومت جو خاتمو ۽ ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائي ملڪ عوام جي اصل چونڊجي ايندڙ قيادت ۽ جماعتن حوالي ڪرڻ جي گهر ڪئي پئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ هر پاسي کان تنقيد ۽ جٺ جو شڪار حڪمران پريشان ۽ حڪومت جا  هوش ۽ حواس خطا ۽ هٿ پير ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيڻ لڳا آهن.  ملڪ جون گهرو حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن.

پرڏيهي  معاملا ۽ عالمي برادري ۽ عالمي ادارن سان پڻ معاملا تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن. دنيا جي ڪار وهنوار ، ڏيتي ليتي ۽ عالمي ادارن کان تعاون وڌڻ ۽ گهٽجڻ واري عالمي برادري جي اداري، فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) طرفان ڪجهه ڏينهن ٿيل اهم اجلاس ۾ پاڪستان کي مني لانڊرنگ ۽ دهشت گردن تي ضابطي ۽ انهن جي پاڙ پٽڻ ۾ ناڪامي تي ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ سيشن تائين تائين گري لسٽ ۾ شامل رکڻ ۽ پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پئرس ۾جرمني جي صدارت ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان واري حڪومت جي 27هين شرط جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو،. فيٽف، پاڪستان طرفان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد بابت هيل تائين قدمن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ان رپورٽ کي قبول نه ڪندي پاڪستان کي ايندڙ سال فيبروري تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان عالمي اداري ۾ پاڪستان جي حڪومت جي ڪارڪردگي کي ناقابل قبول قرار ڏئي رد ڪرڻ سان ملڪ لاءِ عالمي سطح تي جاري بحران وڌيڪ جاري رهڻ جو فيصلو آڏو آيو آهي، ان صورتحال ملڪ جي ساک کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي ۽ هاڻي دنيا ۾ ملڪ جي حيثيت هڪ مشڪوڪ ۽ جوابدار ملڪ واري ٿي وئي آهي.

ٻئي پاسي، ملڪ جي مارڪيٽ ۾ روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي ۽ ڊالر 174.10 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي ويو آهي ۽ ملڪ جي ڪرنسي ڪري وڃي پٽ پئجي وئي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ وڌيڪ مهانگائي جو طوفان اٿڻ شروع ٿي ويو آهي. هوڏانهن، ڳڻپ واري وفاقي حڪومت جي اداري شماريات کاتي طرفان  مهانگائيءَ بابت جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ ملڪ ۾مهانگائي وڌيڪ وڌي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئ آهي.ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 1.38 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائيءَ جي مجموعي شرح 14.48 سيڪڙو ٿي وئي.هڪ هفتي دوران 29 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي جنهن سان ملڪ جي ماڻهن جو جياپو ڏينهون ڏينهن مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو آهي. مهانگائي خلاف پي ڊي ايم ، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي  طرفان ڪراچي ۾ وڏا احتاجي مظاهرا ڪيا ويا. لانڍي جي انڊسٽريل ايريا ۾ پيپلز پارٽي جي احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت لاءِ سنڌ حڪومت جو سربراهه  وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پاڻ پهچي ويو ۽ مظاهرين کي خطاب پڻ ڪيو .مراد علي شاهه جو  وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چوڻ هوته عمران خان چوندو هو ڊالر مٿي وڃي ته سمجهو حڪمران چور آهن، هاڻ ٻڌايو ڪير چور آهي؟  مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته، گذريل ٽن سالن دوران ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان آيو آهي، سموري ملڪ ۾ ڌرڻا لڳي رهيا آهن، جيستائين هي حڪمران رهندا، ماڻهن تي ائين ئي ظلم ڪندا رهندا، تنهنڪري هن ظالم حڪومت جو خاتمو ضروري آهي. پي ڊي ايم ، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻين جماعتن طرفان پڻ ملڪ جي مختلف حصن ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن.حيدرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران ملڪ ۾ وڌندڙ  مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

هوڏانهن، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) طرفان جمعي نماز کان پوءِ اسلام آباد طرف احتجاجي لانگ مارچ جي اعلان کان پوءِ پوليس ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو. پوليس ۽ انتظاميا طرفان مظاهرين کي اسلام آباد پهچڻ کان روڪڻ لاءِ جاڙن شهرن  اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مختلف اهم شاهراهون بند ڪيون ويون آهن.اسلام آباد جي فيض آباد ۾ پوليس وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته واٽر ڪينن ۽ بڪتر بند گاڏيون به پهچايون ويون آهن.ان کانسواءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ جي سامان سان ليس پوليس جا دستا به فيض آباد ۾ موجود آهن ۽ هدايت ڪئي وئي آهي ته مظاهرين کي ڪنهن به صورت ۾ فيض آباد پهچڻ نه ڏنو وڃي.

بيشڪ ! ملڪ ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن ۽ محاذن تي يقينن صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي واري ٿي چڪي آهي، وزير اعظم عمران خان واري حڪومت طرفان گذريل ٽن سالن دوران پنهنجي اقتدار ۽ اختيارن وارو مليل قيمتي وقت ملڪ ۾ سڌارا آڻڻ بجاء ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ بجاء پنهنجو وڃايو ويو آهي . وزير اعظم طرفان حڪومت مخالفن يا تنقيد ڪندڙ جماعتن ۽ شخصيتن ۽ ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪرڻ، ملڪ جي محترم هستين کي بي مانائتو ڪرڻ، جيلن ۾ بند ڪرڻ واريون ڪارروايون ڪري ملڪ کي هڪ قسم جي جهنم بنائڻ وارا ڪم بنا ڪنهن وقفي جي ۽ وڏي پيماني تي ضرور ڪيا ويا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي ملڪ جي پنهنجي سلامتي ۽ عوام جو مستقبل ئي داءُ تي لڳي ويو آهي.  ملڪ جو اهو حڪمران جيڪو جلسن ۾ هر وقت چوندو هو ته، هن جي حڪومت خلاف جيڪڏهن چار سئو ماڻهو به روڊن تي نڪتا ته هو اهڙي اقتدار ۽ حڪومت ۾ رهڻ بجاء بنادير جي استعفي ڏئي گهر هليو ويندو. افسوس ته،  ملڪ ڏينهون ڏينهن انيڪ عذابن ۽ بحرانن جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ لکين عوام روڊن تي نڪري آيا آهن . اهي حڪمران هن وقت پنهنجي گهر جي درين دروازن، ٽي وي چينلن، ميڊيا جي ادارن ۽ حڪومت اداران طرفان سمورو ملڪ حڪومت ۽ حڪمرانن جي مخالف ٿي وڃڻ ۽ اٿي کڙو ٿي وڃڻ وارين رپورٽن جي باوجود رانديگر حڪمران پنهنجا دروازا ، دريون ۽ هواس بندڪري، اکيون پوري ۽ ڪنن کي بند ڪري ڪرسين جي پوڄا ڪري رهيا آهن ۽ ديوار جو لکيو پڙهڻ لاءِ تيار نه آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.