رتوديرو ڀرسان جهيڙي جو وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت، ٻن نوجوانن جا لاش رکي ڌرڻو، پوليس تي ڌر جو الزام

رتوديرو(رپورٽ: طفيل ساريو) رتيديري ڀرسان ڳوٺ سومر واھڻ ۾ گذريل ڏينھن پلاٽ جي معاملي تان چنا ۽ مرکياڻي برادري ٻن ڌرين جي جھيڙي ۾ زخمي ٿيل منصور چنو لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ويو، سندس لاش تعلقي اسپتال رتوديرو مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا جنهن بعد جهيڙي ۾ ڪالهه مارجي ويل دلشير چنو ۽ منصور چنو جا لاش کڻي شڪارپور روڊ تي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو، جيڪو 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن سبب مختلف شھرن ڏانھن ٽريفڪ جي آمدرفت مڪمل طور تي معطل ٿي وئي، ڌرڻي ۾ شريڪ مظاھرين طرفان رتوديرو پوليس خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي غلام مرتضيٰ چنو، نثار چنو، خالد چنو، رجب چنو، نظام چنو، سڌير چنو، نجمه خاتون، راشده خاتون، وزيران خاتون ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٻه ڏينھن اڳ ايس ايڇ رتوديرو عبدالغفور ڇٽو مخالف ڌر کان پئسا وٺي اسان جي گھرن مٿان چڙھائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ اسان جي گھرن ۾ پيل سامان کڻي ويو، گذريل ڏينھن ٿيل جھيڙي ۾ اسان جا 2 ماڻھو قتل ٿيا آھن 4 زخمي آھن، ان باوجود ھن رات ٻيھر پوليس نفري ساڻ ڪري اسان کي ڌمڪايو آھي ته پوليس جو نالو نه کڻو اھا ڳالھه توھان جي خلاف ويندي. ھنن چيو ته عبدالسميع مرکياڻي، فتاح مرکياڻي، عامر مرکياڻي، غفور مرکياڻي ۽ ٻين پوليس جي زور تي اسان جا 2 نوجوان حملو ڪري قتل ڪيا آھن، پوليس ھن وقت تائين ڪنھن به ملوث جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آھي، ھنن چيو ته 2 ڏينھن اڳ مرکياڻي برادري جي چڱي مڙس غلام عباس مرکياڻي رتيديري ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي سامھون اسان کي ڌمڪايو ھو ته توھان جا چار گھر آھن ۽ اسان جا چار ڳوٺ آھن اھڙن دڙڪن بعد گذريل ڏينھن مرکياڻي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري اسان جا 2 نوجوان ناحق قتل ڪيا آھن ، ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري تي گرفتار ۽ ايس ايڇ او رتوديرو عبدالغفور ڇٽو خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊي ايس پي رتوديرو مير امداد ٽالپر ۽ ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي، جنهن دوران مقتولن جي وارثن ايس ايڇ او مٿان بي اعتمادي جو اظھار ڪندي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، بعد ۾ علائقي واسين طرفان مقتولن جي تدفين جي حوالي سان وارثن کي گذارش ڪئي وئي، ان بعد وارثن طرفان مقتولن جي تدفين کان پوءِ وڌيڪ لائحه عمل جوڙڻ جي اعلان بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو،  ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي رتوديرو مير امداد ٽالپر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته چنا ۽ مرکياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي ٻنھي ڌرين مٿان ڪيس به داخل ٿيل آھن، گذريل ڏينھن به جيڪو واقعو ٿيو ته اسان ٿڏي تي اتي پھتاسين ڪجھه شڪي گرفتاريون به ڪيون آھن، وڌيڪ وارث جنھن کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪندا انھن کي گرفتار ڪنداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.