وزيراعظم جي رسول پاڪ صلعم جي روضي مبارڪ تي حاضري

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحولياتي تبديلين وارو خاص معاون ملڪ امين اسلم پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي مدينه ايئرپورٽ تي پهچڻ تي ڊپٽي گورنر شهزاده سعود بن خالد الفيصل وزيراعظم جو استقبال ڪيو، عمران خان هن ڀيري به مديني شريف جي سرزمين تي جوتا لاهي قدم رکيا، وزيراعظم رسول پاڪ صلعم جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀري ۽ عمرو ادا ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.