نوري آباد: جنيد پالاري جي گرفتاري ظاهر، ڪيس داخل

ٺٽو/نور آباد(نمائندا) ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي سرواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري ۽ پريس ڪلب جھمپير جي صدر صحافي نظير احمد پالاري جي درگاھ پير باقر شاھ جيلاني جي زيارت تي ويندڙ ڀائيٽي جنيد پالاري کي بناجواز گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد مٿس ھٿ ٺوڪيو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، سياسي، سماجي ڌرين، ڪوھستان واسين سميت صحافين جو پوليس خلاف احتجاج. ان سلسلي ۾ گرفتار ٿيل معصوم نينگر جنيد پالاري جي چاچي ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي سرواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري چيو ته سندس ڀائيٽو جنيد پالاري 2 ڏينھن اڳ پير باقر شاھ جيلاني جي درگاھ تي زيارت لاءِ ويو ھو، جتان ھو گم ٿي ويو،هن چيو ته ڪوھستان ۾ جاکرا برادري جي زمينن، ڳوٺن ۽ قبرستانن تي قبضا مافيا لوڻي ڪوٽ پوليس جي مدد سان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان قبضا ڪرائي رهي آھي، جنهن خلاف ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي پليٽ فارم تان اسان آواز اٿاريو هو، جنهن جي سزا طور لوڻي ڪوٽ پوليس اسان خلاف انتقامي ڪاروائي ڪرڻ بجاء اسانجي معصوم ڀائٽي مٿان ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪري ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو آھي. پر اسان ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناھيون، پوليس ڪيترا به حربا هلائي، پر اسان ڪوهستان واسين جي حقن تان ڪڏھن به هٿ نه کڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.