ٽنڊو آدم پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊو آدم ڀرسان حبيب خان مري موڙ وٽ سٽي پوليس مبينا مقابلو ڄاڻائي هڪ ڏوهاري يامين چانگ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي، زخمي کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي، سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته گشت دوران حبيب خان مري موڙ وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ٽن ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي ان دوران پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ ڏوهاري يامين چانگ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ پسٽل ، گوليون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آھي، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مٿس مختلف ٿاڻن تي 17 ڪيس داخل آهن، چيو وڃي ٿو ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.