اوٻاوڙي ڀرسان اسپيشل برانچ جو اهلڪار حملي ۾ شهيد، دوست زخمي، لاش رکي ڌرڻو

اوٻاوڙو( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو جو رھواسي اسپيشل DIB پوليس اهلڪار سلطان احمد رند صبح جو سوير واڪ ڪري رھيو ھو ته اچانڪ موٽر سائيڪل سوارن صبح جو واڪ دوران اوٻاوڙو باءِ پاس سونڻ شاخ وٽ حملو ڪري گوليون هڻي بيدردي سان موقعي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهلڪار سان گڏ دوست پپو شيخ  سخت زخمي ٿي پيو حملو ڪندڙ ھٿيار بند فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع باوجود پوليس نه پھتي جتي علائقي واسين ۽ رند برادري جا سوين ماڻھو واقعي واري ھنڌ پهچي زخمي ۽ قتل ٿيل اهلڪار جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال پھچايو ۽ زخمي پپو شيخ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيميار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو ان موقعي تي رند برادري جي ماڻھن ۽ وارثن اسپتال مان مقتول جو لاش کڻائي قومي شاھراهه تي رکي روڊ ٽن ڪلاڪن تائين بند ڪري ڇڏيو جتي گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي مقتول جي وارثن صحافين اڳيان دانھون ڪندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني نه آھي مگر ظالمن ظلم ڪري اسان جي ڳڀرو کي بيدردي سان قتل ڪيو سوڳ ۾ چوڪ ماڙي شھر بند ٿي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھوڏانھن ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل پوليس اھلڪار جي قتل ٿيڻ بعد قومي شاھراه تي لڳل ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ ۽ وارثن کي آٿت ڏيڻ لاءِ نه پھتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.