وزيراعظم جي خاص مددگار جمشيد اقبال چيما استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي خاص مددگار جمشيد اقبال چيما استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، تحريڪ انصاف طرفان اين اي 133 لاهور جي ضمني چونڊ لاءِ جمشيد اقبال چيما کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، چونڊ ميدان ۾ لهڻ کانپوءِجمشيد اقبال چيما نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت خاص مددگار جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هن پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ پهرين سياسي جماعت آهي، جنهن ضمني چونڊ لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.