جيڪب آباد ۾ لالچند سيتلاڻي ۽ سندس پٽ جي گرفتاري خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي ۽ پٽ شيوا نند جي گرفتاري خلاف هندو برادري ۽ مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جا سوين ماڻهو روڊ تي نڪري آيا، مارچ  ڪري ايس پي هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به انجمن تاجران ۽ هندو جنرل پنچائت جي سڏ تي پ پ شهيد ڀٽو، جمعيت علماءِ اسلام، صرافه يونين، اليڪٽرڪ يونين، ڪپڙا مارڪيٽ يونين، موبائيل مارڪيٽ يونين، ڪريانه مرچنٽ يونين، ڊکڻ يونين سميت مختلف تنظيمن پاران هندو جنرل پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي جي گرفتاري ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري صرافه چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن بعد انجمن تاجران سنڌ جي نائب صدر مير احمد علي بروهي، پ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ نديم قريشي، جي يو آءِ اڳواڻ حافظ مير محمد بنگلاڻي، مولانا عبدالجبار رند، صرافه يونين جي جمال الدين لکڻ، حاجي محمد يوسف ميمڻ، ٽرانسپورٽ اڳواڻ وڏيرو غلام رسول بروهي، اليڪٽرڪ يونين جي سريچند ڀاوناڻي، نور محمد منجهو، عبدالطيف سومرو، نظير احمد مينگل، روشن لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صرافه چوڪ کان هڪ وڏو احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ واپارين سميت مختلف تنظيمن جا اڳواڻ، ڪارڪن ۽ هندو برادري جا سوين ماڻهون شريڪ ٿيا، مظاهري ۾ شريڪ ماڻهون ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف سخت نعريبازي ڪندا شهر جي مختلف رستن تان ٿيندا ايس ايس پي هائوس جي مک گيٽ اڳيان پهتا جتي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو بعد ۾ ريلي جي صورت ۾  مظاهرو ڪري پريس ڪلب پهچي ڌرڻي روڊ تي ويهي رهيا جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي، انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايس پي جيڪب آباد شهر جي هندو واپاري طبقي کي سياسي ماڻهن جي اشاري تي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي، هتان جا شريف ڪاروباري هندو پرامن شهري آهن جن خلاف منشيات جا جڙتو ڪيس داخل ڪري ٿو،  آواز بلند ڪرڻ تي پنچائت جي صدر لالچند کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا جڏهن ته اهو پڇون ٿا ته بلوچستان کان ايندڙ روڊن تي پوليس چوڪيون ڪنهن جي ماتحت آهن ۽ اتان اسمگلنگ جو سامان ڪئين ٿو ڪراس ڪري ۽ وري ڪيس شريف شهرين تي داخل ڪيا ٿا وڃن. هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها ڪارروائي ڪنهن جي چوڻ تي ٿي آهي، اسان به صبر ڪري نه ويهنداسون انصاف وٺڻ لاءِ پوليس خلاف بنا مئجسٽريٽ جي دڪان جا تالا ٽوڙڻ ۽ لالچند جي بيگناهه گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين، هنن چيو ته اسان هي تحريڪ ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ ۽ ايس ايڇ او سٽي منشي عمربنگلاڻي کي هٽائڻ تائين جاري رکنداسون.

پوليس جو لالچند سيتلاڻي تي پٽ آڏو تشدد، پيرسن ۽ بيمار آهيان، تشدد نه ڪيو: سيتلاڻي

جيڪب آباد: ذريعن موجب جيڪب آباد سٽي پوليس گرفتار لالچند سيتلاڻي کي گرفتار نوجوان پٽ شيوا نند اڳيان وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن تي لالچند اپيل ڪئي ته مان پيرسن ۽ بيمار آهيان مون تي تشدد نه ڪيو، ذريعن موجب پوليس لالچند کي چيو ته تون پنچائت جي صدارت تان دستبردار ٿي سياست ڇڏي وڃ، لال چند چيو ته اهو اسان جي برادري جو معاملو آهي مخالف اهو چاهين ٿا جيڪي مون کان استيفي’ وٺي هندو جنرل پنچائت جي ڪرسي تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا مان سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيندس پر عهدي تان استعيفي’ نه ڏيندس ڀل ماري ڇڏيو، اها مخالفن جي خواهش پوري نه ٿيندي جنهن جي ڪري مون کي توهان انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ٿا، پوليس خوب تشدد ڪري لاڪ اپ ڪيو، هوڏانهن عدالت ۾ پيشي وقت گرفتار لالچند هٿ اک ۽ جسم تي ٿيل تشدد جا نشان ڏيکاريندي چيو ته گرفتاري بعد مون کي ۽ پٽ کي اکيون ٻڌي وڏي بدنام ڏوهارين جيان مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو، رات سڪرات واري گذري آهي.

لالچند سيتلاڻي ۽ شيوا نند جي گرفتاري نيٺ ظاهر، ضمانت تي آزاد

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ سٽي پوليس گرفتار ڪيل هندو پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي ۽ سندس پٽ شيوا نند جي گرفتارينيٺ ظاهر ڪري ڇڏي، پوليس ٻنهي کي هٿڪڙيون هڻي جيڪب آباد جي سول جج امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو، اطلاع تي شهر جا هندو واپاري مختلف تنظيمن جا اڳواڻ مير احمد علي بروهي، عبدالستار بروهي، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ نديم قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ وڏي انگ ۾ عدالت ٻاهران گڏ ٿي ويا، جڏهن ته وڪيل بار جي صدر مير احمد نواز پيچوهو، اسسٽنٽ وڪيل محمد ابراهيم لاشاري جوابدارن جي ضمانت بابت درخواست پيش ڪئي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي پيءُ پٽ جي هڪ هڪ لک رپين جي ضمانت منظور ڪري ورتي، آزاد ٿيڻ بعد ٻنهي پيءُ پٽ کي جلوس جي شڪل ۾ گهر پهچايو ويو، ان موقعي تي مير احمد علي بروهي چيو ته اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، اسان ايس ايس پي جيڪب آباد جي زيادتين خلاف هاءِ ڪورٽ وينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.