خورشيد شاهه جيل مان آزاد، جيالن پاران شاندار آجيان

سکر(رپورٽر) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتاري بعد 25 مهينن تائين قيد ڀوڳيندڙ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي سينٽرل جيل سکر مان آزاد ڪيو ويو آهي سپريم ڪورٽ مان ٻه ڏينهن اڳ ضمانت جي منظوري بعد اڄ سکر جي احتساب عدالت خورشيد شاهه جي آزاديءَ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو. سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خورشيد شاهه جي هڪ ڪروڙ روپين جي مچلڪن واري ضمانت منظور ڪندي سندس آزاديءَ جو حڪم ڏنو هو. خورشيد شاهه جي پٽ اڄ عدالتي حڪم تحت هڪ ڪروڙ روپين جا مچلڪا جمع ڪرايا،پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ڪرپشن جهڙي گندي شئي جي ڪڏهن ويجهو به ناهيون ويا، منهنجي خلاف اڄ تائين ڪا به شئي ثابت نه ٿي.جيل مان آزادي کانپوءِ ڪارڪنن کي خطاب خورشيد چيو ته جيل ۾ جيڪو وقت گذريو، اھو مون لاءِ امتحان جو وقت ھو ۽ ان امتحان ۾ پورو لھي ڪامياب ٿي آيو آھيان، مون کي جھڪائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر مان جھڪڻ وارو ناھيان، سياست ۾ جيل به قبول آھن.هن چيو ته منھنجي خلاف وڏيون سازشون ڪيون ويون، مون کي خبر آھي ته سازشون ڪير ڪري رھيو آھي پر سازش ڪندڙن جو مقابلو ڪري انھن سازشن ڪندڙن کي  ناڪام بڻايو آھي.سندس چوڻ هو ته مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، سوا ٻه سال مون کي جيل ۾ رکي عوام کان پري ڪيو ويو، مون کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي سزا ڏني وئي آھي پر مان اڄ به عوام جي دلين ۾ رھان ٿو.خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، ملڪ جي معشيت تباھه ٿي چڪي آھي، نوجوان آپگهات ڪرڻ تي مجبور آھن، مھگائي عروج تي آھي، موجودا حڪومت مهانگائي جي سونامي آڻي ڏيکاري، سونامي جو مقصد تباھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.