افغانستان ۾ ملٽري آپريشن لاءِ آمريڪا سان ڪوبه معاهدو ناهي ٿيو: فواد چوڌري

دبئي (م ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان ۾ ملٽري آپريشن لاءِ آمريڪا سان ڪوبه معاهدو نه ٿيو آهي، افغان معاملي تي آمريڪا جي پنهنجي سوچ آهي، جڏهن ته دهشتگردي کي روڪڻ جي سلسلي ۾ آمريڪا سان سهڪار ۽ ويجها لاڳاپا جاري رهندا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ به تمام گهڻو مشهور آهي هو جيڪڏهن اڄ نئين دهلي ۾ جلسو ڪندو ته اهو مودي کان وڏو هوندو، دبئي ۾ پريس ڪانفرنس دوران فواد چوڌري چيو ته اسان افغانستان ۾ امن استحڪام جا خواهشمند آهيون. افغانستان ۾ امن نه ٿيو ته پاڪستان جي لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. افغانستان جي بجيٽ جو 70 سيڪڙو حصو پرڏيهي امداد تي آهي. پاڪستان افغانستان کي سهارو ڏئي رهيو آهي. افغانستان ۾ اشرف غني کان علاوه سڀني کي خبر هئي ته هو هاڻ وڃڻ وارو آهي. پاڙيسري ملڪن سان ملي افغان حڪومت کي مڃينداسين. طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. هو ٻين گروپن کي به حڪومت ۾ شامل ڪندو، فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ڀارت سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ڀارت ۾ مسلمانن جي دشمن حڪومت آهي. مودي طرفان پاڪستان کي هر جڳهه تي نشانو بڻايو ويو آهي. عمران خان ڀارت ۾ به مشهور آهي. عمران خان اڄ نئين دهلي ۾ جلسو ڪري ته اهو جلسو مودي جي جلسي کان به وڏو هوندو. پاڪ ڀارت ميچ جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته آچر جي ڏينهن وڏي ميچ ٿي رهي آهي. پاڪستاني ٽيم ميچ کٽڻ لاءِ پرجوش آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.