پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين جو ريفرنس، غلام حيدر جمالي ۽ ٻيا پيش

ڪراچي (رپورٽر) سنڌپوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ريفرنس ڪيس ۾ اڳوڻو آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت ٻيا احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ۾ جوابدارن جي وڪيل جو چوڻ هو ته نئون آرڊيننس اچڻ کان پوءِ ريفرنس جي ٻڌڻي نٿي ٿي سگهي، ريفرنس ۾ نامزد جوابدارن کي آزاد ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي دليل گهري ورتا آهن، جوابدارن خلاف 2017ع ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.