جبري مذهب تبديلي واقعن خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) نيشنل ڪرسچن پارٽي طرفان  جبري طور مذهب تبديل ڪرڻ  ۽ ننڍي عمر شادي ڪرڻ واري واقعن خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ نيشنل ڪرسچن پارٽي جي صدر

ياسين جاويد،راجا اقبال ۽ ٻين چيو ته اقليتن سان ٿيندڙ ظلم تي اڃا تائين ضابطو ناهي آندو ويو،نه وري انهن واقعن خلاف قانون طور تي آواز اٿاريو پيو وڃي،هنن چيو ته اسان جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جانورن جيئان قتل ڪيو پيو وڃي،هنن چيو ته اقليتي برادري جي عورتن سان جيترو ظلم پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي اهڙو ظلم ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ نه پيو ٿئي،هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪڏهن اقليتي بل پاس ڪيو وڃي ها ته اهڙن واقعن تي ڪجهه نرمي ٿي وڃي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.