گم نه ٿيا آهيون: باپ جا گم ڄاڻايل 4 ميمبر سامهون اچي ويا، وڊيو بيان جاري

اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان ۾ سياسي بحران برقرار آهي، بلوچستان عوامي پارٽي جا گم ٿي ويل 4 ميمبر سامهون اچي ويا. جنهن کان پوءِ هنن گم ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ ظهور بليدي ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته چئن ميمبرن ڄام ڪمال جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد تي صحيحون ڪيون. ان کان پوءِ خبر ناهي ته کين زمين کائي وئي يا آسمان؟ اڃان به 34 جي ويجهو ميمبراسان سان گڏ آهن، بلوچستان عوامي پارٽي جا گم ٿي ويل چار ميمبر سامهون اچي ويا آهن. اڪبر آسڪاني، ليليٰ ترين، بشريٰ رند ۽ ماهه جبين شيران وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو. سامهون ايندڙ ميمبرن چيو ته هو اسلام آباد ۾ آهن ۽ سمورين افواهن جي ترديد ڪن ٿا. هوبلوچستان جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو سان گڏ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.