مهانگائي وڌي وئي، حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته غريب ماڻهو مهانگائي ۽ بيروزگاري جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن، ضروري شيون غريب عوام جي پهچ کان ٻاهر آهن  حڪومت مڪمل ۽ تمام بري طرح ناڪام ٿي وئي آهي. وزيراعظم هر واعدي ۽ اعلان تي يوٽرن ورتو آهي. حڪومت سوا ٽن سالن ۾ هڪ به واعدو پورو ناهي ڪيو. ٽئي ناڻي وارا وزير ناڪام ٿيا آهن. اسٽيٽ بينڪ جو گورنر اهڙي ماڻهو کي مقرر ڪيو ويو جيڪو روپئي جي قدر گھٽجڻ کي رحمت چئي رھيو آھي،وياجي معيشت جي خاتمي کان سواءِ ملڪ اڳتي نٿو وي سگھي. حڪمران اولهه جي ايجنڊا تي آهن. معيشت جي خاتمي کانپوءِ ملڪ جي نظرياتي بنيادن تي حملا ٿي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.