بلوچستان ۾ ناراض ميمبرن جو انگ 40 ٿي ويو: ثناءُ الله زهري

ڪوئيٽا(م ڊ)پ پ اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري چيو آهي ته ڄام ڪمال کي چئون ٿا ته عزت سان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، بلوچستان ۾ ناراض اسيمبلي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته منهنجي خلاف به بي اعتمادي تحريڪ آئي، مان عزت سان استعيفيٰ ڏئي هليو ويو هئس، ناراض ميمبرن جو انگ 40 ٿي ويو آهي، اميد آهي ته ٻيا ساٿي به اسان جي سٿ ۾ شامل ٿي ويندا، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ڄام ڪمال سان ذاتي اختلاف ناهي، هن جي طرز حڪمراني سان آهي، اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو چيو ته ڄام ڪمال عورت ميمبرن کي اغوا ڪري نئين روايت وڌي، منهنجو فرض هو مان عورت ميمبرن جي لاپتا ٿيڻ تي آواز اٿاريان، ان موقعي تي ظهور بليدي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ بلوچستان جي سينئر اڳواڻ نواب ثناءُ الله زهري جو ٿورو مڃيو ته انهن اسان جي تحريڪ جي حمايت ڪئي، بي اي پي جي قائم مقام صدر چيو ته ڄام ڪمال استعيفيٰ نه ڏني ته 25 آڪٽوبر تي اقتدار مان ايئن ڪڍنداسين  ته دنيا ڏسندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.