گجر نالو ۽ نسلا ٽاور ياد آهن پر گم ٿيل ماڻهو نه، جيڪڏهن لاش ملي ته ڪيس وزيراعظم تي داخل ٿيڻ گهرجي: وڪيل اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل)سٽي ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهون جي حوالي سان هڪ مشاورتي سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر صلاح الدين احمد، سنڌ بار ڪونسل جي ميمبر حيدر امام رضوي ۽ شهادت اعواڻ سميت انساني حقن جا اڳواڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي گهر ڀاتين شرڪت ڪئي، جن جي هٿن ۾ گم ٿيل ماڻهن جون تصويرون هيون، ان موقعي تي مقرر اڳواڻن گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، اڳواڻن چيو ته عدالت مان اميد آهي ته اها گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائيندي، هنن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهي ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت کي گجر نالو ۽ نسلا ٽاور ياد آهي پر گم ٿيل ماڻهو ياد نه آهن. هنن چيو ته اگر ڪنهن گم ٿيل ماڻهن جو لاش ملي ته ان جو ڪيس وزيراعظم ۽ گهرو وزير تي داخل ٿيڻ گهرجي، ملڪ ۾ هر قانون موجود آهي پر ان تي عمل نٿو ٿي، عدالتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿو ٿئي، عدالتن ۾  التوا هيٺ پيل ڪيسن کي هفتن ۾ اڪلائڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.