افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ معاهدو

واشنگٽن/اسلام آباد(م ڊ)افغانستان ۾ فوجي آپريشن لاءِ فضائي حدن جي استعمال تي آمريڪا ۽ پاڪستان معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهن، سي اين اين مطابق جوبائيڊن انتظاميا آمريڪي ڪانگريس ميمبرن کيپاڪستان سان ٿيندڙ معاهدي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هوائي حدن جي استعمال جي بدلي آمريڪا کان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ امداد جي فراهمي جي ايم او يو جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان فضائي حدن جي استعمال جي بدلي ڀارت سان لاڳاپن جي معاملي ۾ مدد جي به خواهش ظاهر ڪئي آهي، آمريڪي خابرو اداري مطابق آمريڪا سان ڳالهيون جاري آهن، هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان چيو ته آمريڪا سان پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به معاهدو نه پيو ٿئي، هن چيو ته افغانستان ۾ آپريشن لاءِ فضائي حدن جي استعمال جي معاهدي کي باقاعده شڪل ڏيڻ جون خبرون درست ناهن، ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ باقاعده مشاورت جاري رهندي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.