منشيات ڪيس ۾ آريان واٽس ايپ چيٽ بابت وضاحت پيش ڪري ڇڏي

ممبئي (م ڊ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار شاهه رخ خان جي پٽ آريان هاءِ ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ واٽس ايپ چيٽ بابت وضاحت پيش ڪري ڇڏي آهي. آريان جي وڪيلن خصوصي عدالت طرفان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ جو رخ ڪيو جنهن جا تفصيل به ڀارتي ميڊيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. آريان خان پنهنجي وڪيل جي حوالي سان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جاچ آفيسر طرفان ان جي واٽس ايپ چيٽس جهڙي طرح سان پيش ڪئي آهي اها بلڪل غلط آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.