ملڪ ۾ ووٽ کي عزت ڏيو نعري جي گونج آهي: احسن اقبال

ملير (ڊ ر) مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف جي ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري جي گونج پوري ملڪ جي عوام ھاري ،مزدور، آبادگار جو آواز آھي. جنھن ملڪ ۾ ووٽ جو احترام نه ٿيندو آهي ته ملڪ ترقي ڪري نه سگھندو آھي، پاڪستان کي ٺھي 73 سال ٿي ويا آھي پوري خطي ۾ سڀ کان اڳتي ھو ھاڻ حال اھو آھي ته ڀارت ۽ بنگلاديش سري لنڪا اڳتي نڪري ويا آھن. پي ٽي آءِ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي جي ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنھن ملڪ ۾ ووٽ جو احترام ٿيو آھي اتي ترقي ٿي آھي نواز شريف ڪراچي مان بد امني کي ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ۽ امن بحال ڪرايو. ڪراچي ۾ امن جو رونقون واپس آيون ۽ روشنين جي شھر جيئڻ شروع ڪيو. چوان ٿو ته  ڀلي ڪراچي جي شھرين مسلم ليگ ن کي ووٽ نه ڏنو آھي ھڪ دفعو ووٽ ڏيو ڪراچي کي جنت ٺاھي ڏيکارينداسين. مسلم ليگ جي دور حڪومت ۾ 2 ھزار ڪلوميٽر موٽروي ڏنو ـ 4 ھزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ڏني. بلوچستان ۾ ڪنھن گوادر کي ڪوئٽا سان نه جوڙيو ـ پر اسان خضدار ۽ رتو ديرو سان ملائي سنڌ بلوچستان کي ملايو. سنڌ مان سيٽون نه ملڻ باوجود ترقياتي ڪم ڪرايا اگر مسلم ليگ ن کي ووٽ ملندا ته سنڌ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته  مسلم ليگ ن جي حڪومت آئي ته ملير جي ڳوٺن لاءِ گئس ۽ ڪراچي جي شھرين لاءِ پاڻي ڏنو ويندو. ڪراچي مان پ پ پ به  کٽيو ايم ڪيو ايم به کٽيو پر 2018 ۾ ڪراچي وارن پھريون دفعو 14 سيٽون کٽيون وفاقي حڪومت باوجود پي ٽي آئ ڪراچي لاءِڪجھ به  نه ڪيو. اناڙي ڪڏھن گاڏي نه ٿو ھلائي اھو ملڪ ڪئين ٿو ھلائي سگھي، هن چيو ته عمران خان اسان به روپئي روپئي جو حساب ڏينداسين ۽ عمران خان ۽ سندس وزيرن کان به حساب وٺنداسين. تقريب کي سيد شاھ محمد شاھ، مفتاح اسماعيل، ايم اين اي کيئل داس، نهال هاشمي،فيروز خان،قادر بخش ڪلمتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.