پابندي مڙهيل تنظيم جو مارچ اسلام آباد طرف روان دوان، روڊن تي کڏا

لاهور/ اسلام آباد(م ڊ) لاهور مان اسلام آباد لاءِ نڪتل پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ جي لانگ مارچ کي لاهور ۾ روڪڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، مارچ لاهور جي حد مان نڪري جي ٽي روڊ رستي اسلام آباد طرف روان دوان آهي، قافلو لاهور ۽ گوجرانوالا جي وچ ۾ ساڌوڪي واري هنڌ پهچي ويو آهي، تحريڪ لبيڪ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارچ کي ڪالا شاهه ڪاڪو کان مريدڪي تائين ڪٿي به پوليس جي ڪا به رڪاوٽ سامهون نه آئي، مارچ کي روڪڻ لاءِ انتظاميا پاران جي ٽي روڊ کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چناب درياهه وٽان جي ٽي روڊ کي 12 فوٽن تائين وڏو ڪٽ هڻي هڪ کڏ کوٽي وئي آهي، جي ٽي روڊ بند ٿيڻ ڪري گاڏيون ڦاسي پيون آهن، سامان سان ڀريل ٽرڪن جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، مارچ سبب گوجرانوالا جو زميني رستو ڪٽجي ويو آهي، ايندڙ ۽ ويندڙ رستي کي بند ڪيو ويو آهي، لاهور ۾ ميٽرو ۽ اورينج لائين ٽرين سروس ڪالهه چوٿين ڏينهن به بند رهي، جڏهن ته ميٽرو بس سروس جي روٽ کي محدود ڪيو ويو آهي، ٻي طرف راولپنڊي ۾ سڪسٿ روڊ کان فيض آباد تائين مري روڊ کي بند ڪيو ويو آهي، مري روڊ تي وک وک تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن، پنڌ هلڻ وارن لاءِ به پل کي بند ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، روڊ رستا بند هجڻ ڪري شاگردن کي اسڪول وڃڻ ۽ مريضن کي اسپتالن ۾ پهچائڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پنجاب جي سينيئر وزير راجا بشارت جو چوڻ آهي ته مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ مان چئن ماڻهن سان رابطو ٿيو آهي، قيادت سان ٽن ڏينهن ۾ چار ڀيرا ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، ٻي طرف وفاقي سرڪار بندش پيل تنظيم جي احتجاجي مارچ واري صورتحال ۾ اسلام آباد شهر کي مظاهرين کان هر صورت ۾ محفوظ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن کي ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان حوالي سان وفاقي سرڪار پاران ڪيترائي هنگامي نوعيت جا قدم کنيا ويا آهن، ذريعن موجب بندش پيل تنظيم جي مارچ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ٻين صوبن مان پوليس جا وڌيڪ 30 هزار اٽالا طلب ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ گهرو وزارت پاران پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي سيڪريٽريز ڏانهن خط لکيا ويا آهن، خطن ۾ 30 هزار اهلڪارن سان گڏ وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪتب ايندڙ سامان به اماڻڻ لاءِ چيو ويو آهي، بندش پيل تنظيم جي احتجاج بابت وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ لاهور ۾ هڪ هنگامي اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير کي بندش پيل تنظيم جي جلوس ۽ مظاهرين جي قيادت سان شروع ڪيل ڳالهين بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته بندش پيل تنظيم جي سينيئر قيادت مان چئن ماڻهن سان رابطا ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي هدايت تحت صورتحال تي ضابطي لاءِ بندش پيل تنظيم جي قيادت سان ڳالهين وارو عمل جاري رکيو ويندو، بندش پيل تنظيم جي احتجاج سبب پنجاب حڪومت مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ جي سروس معطل ڪري ڇڏي آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته جن علائقن مان احتجاجي مارچ گذرندو اتي انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي ويندي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نوالحق قادري جو چوڻ آهي ته حڪومت ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، واضح رهي ته جمعي جي شام ڌاري پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ ٿيل چڪرين ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، پوليس موجب پٿراءُ سبب هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 50 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جن کي گنگارام ۽ سروسز اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪارڪنن لاهور جي آزادي چوڪ تي رات گذارڻ بعد ڪالهه صبح سوير اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پاران ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو، انتظاميا آزادي چوڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪنٽينر بيهاري رستا بند ڪيا ويا ور قافلو سموريون رڪاوٽون ٽوڙي اڳتي وڌي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.