ٽي 20 ورلڊ ڪپ:پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اڄ ميچ

دبئي(م ڊ) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ رواتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ (سڀاڻي) آچر تي دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ميچ نائٽ هوندي ۽ پاڪستاني وقت مطابق شام 7 وڳي شروع ٿيندي. قومي ٽيم بابر اعظم جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ڀارتي ٽيم کي ويرات ڪوهلي ليڊ ڪندو. سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ جي شوقينن جون نظرون ان هاءِ وولٽيج ميچ تي آهن،قومي ٽيم ۾ محمد رضوان، فخر زمان، بابر اعظم، محمد حفيظ، حيدر علي، شعيب ملڪ، محمد آصف، شاداب خان، عماد وسيم، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف شامل آهن، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انشاءَ الله ڀارت کان ضرور کٽينداسين،دعا آهي ته قومي ٽيم ڀارت کي شڪست ڏئي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مئچ جي لاءِ حوصلا بلند آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.