رپئي جو ملهه گهٽائڻ، نجڪاري، وياج شرح سميت آءِ ايم ايف جا اڪثر شرط منظور

واشنگٽن(م ڊ) ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا اڪثر شرط مڃي ورتا آهن، قرض پروگرام بحالي لاءِ پاڪستان کي نون شرطن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، ذريعن ٻڌايو ته قرض پروگرام جي بحالي جو حتمي اعلان آءِ ايم ايف بورڊ ڪندو، پاڪستان ٽيڪس وصوليون وڌائڻ لاءِ قدم کڻندو، ذريعن چيو تهنجڪاري پروگرام تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، جڏهن ته پاور سيڪٽر سڌارن بابت شرطن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت کي معاشي هدفن تي نظرثاني جي تجويز ڏئي ڇڏي، وياج شرح وڌائڻ ۽ ڊالر جو مارڪيٽ ريٽ مقرر ڪرڻ جو شرط به لاڳو ڪيو ويو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت جي پلان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڊان جي رپورٽ موجب آءِ ايم ايف سان 6 ارب ڊالر جي توسيعي قرض جي سهولت جي بحالي لاءِ پاڪستاني وفد جو آخري ميمبر ناڻي وارو سيڪريٽري يوسف خان به معاهدي کان بغير واشنگٽن مان روانو ٿي ويو، آءِ ايم ايف هفتي جي آخر ۾ ايندڙ هفتي کي شروعات ۾ هڪ بيان جاري ڪري سگهي ٿي ته ڪهڙي طرح فنڊ جو معاشي اصلاحاتي پروگرام جنهن ۾ قرض به شامل آهي، کي بحال ڪري سگهجي ٿوجڏهن ته پاڪستاني اختيارين جي دعويٰ آهي ته ڳالهيون اڃا به ٽريڪ تي آهن ۽ آءِ ايم ايف جي بيان ۾ پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو، هڪ ٻئي خابرو ويب سائيٽ موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڊيڊلاڪ برقرار آهي، ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، هڪ ارب ڊالر جي قسط لاءِ پاڪستان آءِ ايم ايف جا باقي سمورا مڃڻ لاءِ تيار آهي، نجڪاري پروگرام ۾ تيزي، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو آءِ ايم ايف جي شرطن تي ڪيو ويو، ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مطابق پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي به جاري رهنديون، هوڏانهن ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي سي اي او محمد سهيل چيو ته تمام گهڻي غيريقيني صورتحال آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڳتي ڇا ٿيندو ان جو وڌيڪ انحصارانهن شرطن تي ٿئي ٿو جيڪي آءِ ايم ايف پاڪستان تي مڙهيندو، هن چيو ته واشنگٽن ۾ جاري ڳالهين جو امڪاني نتيجو سخت شرطن سان معاهدو ٿيندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿيڻ تي ميڪرو اڪنامي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ تي ناقابل تصور خراب اثر پوندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.