سامونڊي زمين تي ڪمرشل سرگرميون بند ڪرڻ جو حڪم، رڳو پئسو ڪمائڻ وارو ڪم نه ڪيو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سمنڊ کي محدود ڪري زمين رهائشي ۽ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال جي لائق بڻائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيلن دليل ڏنا، عدالت سامونڊي حدن کي محدود ڪري استعمال لائق ڪرڻ تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي فوري طور تي منصوبي کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ساحلي پٽي جي زمين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ آفيشل اسائني مقررڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي، عدالت تصويرن ۽ نقشي سميت مڪمل رپورٽ 6 نومبر تائين طلب ڪري ورتي آهي، سمنڊ جي زمين تي ايندڙ ٻڌڻي تائين سموريون ڪمرشل سرگرميون معطل ڪيون وڃن، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو اهڙو ڪم نه ڪيو وڃي جنهن سان صرف پئسو ڪمايو وڃي. عدالت آفيشل اسائني کان مختلف ڪمرشل جگهين جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن، پبلڪ پارڪ سميت فلاحي پلاٽ يا پارڪنگ ايرياز کي ڪمرشل ۽ آمدني جو ذريعو ٺاهڻ سان روڪي ڇڏيو آهي، ڊفنيس هائوسنگ اٿارٽي جي رهواسين سمنڊ جي حد محدود ڪرڻ جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اهڙي حرڪت سان ماحول کي نقصان ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ پورٽ قاسم ۾881 ايڪڙ زمين ڪمرشل ۽ رهائشي جي لاءِ ليز ڏني هئي ۽ 50 سيڪڙو ساحلي پٽي تي ويٽ لينڊ ۽ تمر جي ٻيلن سميت ٻين اهم شين کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.