کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ بک هڙتال، شاهپورجهانيان مان دودو سيال کنڀجي ويو

ڪراچي(رپورٽر) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ،  سنڌ سجاڳي فورم ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي وارثن پاران سنڌ مان رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن ايوب ڪانڌڙي، انصاف دايي، پٺاڻ خان  زھراڻي، نسيم بلوچ، مرتضيٰ جوڻيجي، ساگر سعيد گاڏھي، ذاڪر سھتي، آڪاش سرگاڻي، ڪاشف ٽڳڙ، ظفر چانڊئي،  سھيل رضا ڀٽي، سرويچ نوحاڻي، موھن ميگھواڙ، فتح محمد کوسي، صحبت کوسي، فيصل آرائين، امداد شاھ،  نديم مغيري، شبير قمبراڻي، مُنير ابـڙي، راشد بلوچ، فقير اعجاز ڳاھي، الھ وڌائي مھر، شبير بليدي، سجاد مڱڻيجي، نثار چانڊيي، ڪامران چانڊيي، اويس چانڊيي ۽ ٻين جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌ جي قومي دانشور تاج جويي، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري ۽ وي ايم پي جي ڪوآرڊينيٽر سھڻي جويو، انصاف دايي جي ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانا دايو، ايوب ڪانڌڙي جي ڌيءَ مارئي ڪانڌڙو، پُٽ شاھد ڪانڌڙي، مرتضيُ جوڻيجي جي امڙ شھزادي، ڌي پارس، ساگر سعيد جي امڙ وزيران، ڀيڻ مريم، نسيم بلوچ جي مڱيندي ھاني گل بلوچ، پٺاڻ خان زھراني جي گھرواري بشيران، پُٽ عرفان زھراڻي، سنڌ سجاڳي فورم ڪراڇي ڊويزن جي جوائنٽ سيڪريٽري ياسين جھلڻ، ڪراچي ضلعي ڏکڻ جي ضلعي آرگنائيزر غني عاجز، سنڌ سجاڳي فورم جي سينيئر ساٿي جانب خاصخيلي، سنتوش سوٽھڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪئمپ ھڻي 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتال شروع ڪئي وئي، ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن، انساني حقن جي اڳواڻن ۽ وارثن ڳالھائيندي چيو ته ڪيترن کي ته 5 سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، خبر ناھي ته اھي زندھ ته آھن يا نه انھن جا گھروارا دربدريءَ واري زندگي گذارين پيا، انھن جي گھر ۾ ڪمائڻ وارو ٻيو ڪو به ناھي بچيو، ظلم جي انتھا اھا آھي ته 3 ڏينھن اڳ قمبر مان عورتن ۽ ٻارڙين کي ته کنڀي گم ڪيو ويو، سنڌ جي شعور جي مضبوط آواز جدوجھد جي نتيجي ۾ اھا فئملي ته آزاد ڪئي وئي پر وري اڄ شاھپور جھانيان ۾ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ جسقم پاران لڳل ڪئمپ کان اٿڻ کان پوءِ قومي ڪارڪن دودي سيال کي ڳجھا ادارا کڻي ويا آھن، ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ڪو چيئرمين اسد بٽ، ڊفينس ھيومن رائيٽس جي چيئرپرسن آمنه جنجوعا، عائشا جنجوعا، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ناري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شازيه جويو، شاھد سومري، جسقم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، ايڊووڪيٽ خليل انصاري، ايڊووڪيٽ اصغر ناريجي، ايڊووڪيٽ سمير زمان، ايڊووڪيٽ مختيار سيمائر، ايڊووڪيٽ عبداللطيف ميربحر، صحافي مھيش ڪمار،  ايڊووڪيٽ عمير مھيسر، ممتاز رڏ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ زاھد زھراڻي، سرگرم قومي ڪارڪن فقير شبير لغاري، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.