سون وڌيڪ 1600 رپيا مهانگو، هڪ لک 27 هزارن کان ٽپي ويو

ڪراچي(م ڊ) سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، سون جو في تولو وڌيڪ 16 سئو رپيا مهانگو ٿي ويو آهي، سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1600 رپين جي واڌ کانپوءِ سون جو تولو هڪ لک 27 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 1371 رپين جي واڌ سان هڪ لک 9 هزار 53 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في تولي جي اگهه ۾ 1793 ڊالرن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.