سنڌ پوليس ۾ 8هزار افغاني پٺاڻ ڀرتي، اڳوڻي ايس ايس پي جا ڇرڪائيندڙ الزام

اڏيرولال اسٽيشن(رپورٽ: سڪندر ساهووال)سنڌ پوليس جي اڳوڻي ايس ايس پي  نثار احمد چنا  اوڏيرولال اسٽيشن  ۾  چنا برادري سان تعزيت دوران اهم انڪشاف ڪندي چيو ته  مون وٽ هڪ ميسيج آهيو ته  سنڌ پوليس ۾افغاني پٺاڻن کي سپاهي طور  ڀرتي ڪيو ويو آهي جنهن   تي مون چيو ته  بلڪل  سنڌ پوليس ۾  اٺ هزار افغاني پٺاڻن کي سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو آهي، هن چيو ته جنهن وقت آئون پوليس ٽريننگ سينٽر جو پرنسيپال هئيس، ان وقت سنڌ پوليس ۾ افغانين ۽ ٻين صوبن جي اڻ پڙهيل ماڻهن کي ڌڙاڌڙ ڀرتي ڪيو پئي ويو،  مون ان وقت جي ريڪروٽمينٽ ڪميٽي جي اڳواڻ آفتاب پٺاڻ کي سنڌ پوليس ۾ ان وقت جي ٿيل ڀرتين ۾ بي ضابطين  جي حوالي سان پڻ خط لکيو هو، پر ڪو کڙتيل نه نڪتواٺ هزار افغاني پٺاڻن کان علاوه ٻين صوبن جي سوين اڻ پڙهيل ماڻهن کي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل افغاني پٺاڻ ۽ ٻيا غيرسنڌي هن وقت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڊيوٽي ڪن پياهڪ پوليس اهلڪار ته اهڙو هو، جنهن کي پنهنجو نالو جاويد به لکڻ ڪونه آيو،

ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون، نثار چنا ڪوڙ پيو ڳالهائي : آفتاب پٺاڻ

ڪراچي: اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ سنڌ پوليس جي رڪروٽمينٽ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين آفتاب پٺاڻ اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنه جي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪندي چيو آهي ته پوليس ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون،هڪ خانگي ٽي وي سان فون تي ڳالهائيندي اڳوڻي ڊي آءِ جي چيو ته اي ڊي خواجا ۽ ڪليم امام جي دورن ۾ رڪروٽمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين هيس، ان وقت مجموعي طور 25 هزار ڀرتيون ٿيون، جيڪي ميرٽ تي ٿيون. آفتاب پٺاڻ چيو ته انهن ٻنهي دورن ۾ جهڙي نموني شفاف ڀرتيون ٿيون، اهڙيون ٻئي ڪنهن به دور ۾ نه ٿيون، اڳوڻي ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ چيو ته اڳوڻو ايس ايس پي نثار چنه ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ هن جا لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن. هن چيو ته نثار چنو چارسده جي هڪ سپاهيءَ جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ واري معاملي تي سمورو اشو کڙو ڪيو آهي. چارسده جي ان نوجوان جي ڀرتي به ميرٽ ۽ قانون موجب هئي، ڇاڪاڻ ته ان جو ڊوميسائيل ڪراچي جو ٺهيل هو ۽ اهو درست هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.