واپارين پاران به 26 آڪٽوبر تي فيض آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) 26 آڪٽوبر کان واپاري برادري فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آل پاڪستان واپاري برادري جي صدر اجمل بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 26 آڪٽوبر تي پاڪستان انجمن تاجران فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻندي. جڏهن ايف بي آر اسان جا مطالبا نه مڃيا هئا ته اسان هڪ مهينو اڳ فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو هو،اجمل بلوچ چيو ته اسان جا مطالبا ناجائز نه آهن.
حڪومت ڇو دڪانن تي ڊيوائس سيل لڳائڻ تي ضد ڪري رهي آهي،بيورو ڪريسي حڪومت جو هلڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي. بيورو ڪريسي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. آءِ ايم ايف جي شرطن سبب واپاري متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته بجلي، پيٽرول گيس اسان نه پر حڪومت مهانگو ڪندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.