مهانگائي ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ خلاف ڄامشوري ۾ ڊمپرمالڪن جي هڙتال

ڄامشورو( رپورٽ: صدر جوڻيجو ) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ايسوسيئشن آف رائيٽ اينڊ ڊولپمينٽ فار ٽرانسپورٽ سنڌ جي سڏ تي ڄامشورو ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري ڄامشورو ٽول پلازه ڀرسان سوين ٽرڪون ۽ ڊمپر بيهاري احتجاج ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، احتجاجي ڪئمپ ۾ شامل سوين ٽرڪن ۽ ڊمپر جي مالڪن، ڊرائيورن ۽ ملازمن پاران وقفي وقفي سان سخت نعريبازي ۽ وفاقي توڙي سنڌ حڪومت مخالف تقريرون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته حڪومتي ادارن ۽ توڙي ضلعي انتظاميا طرفان مظاهرين سان ڪو نه رابطو ڪيو ويو آهي جنهن سبب مظاهرين پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ جو پڻ اشارو ڏنو ويو آهي،ان موقعي تي احتجاجي ڪئمپ جي اڳواڻي ڪندڙ ايسوسيئشن اڳواڻ محمد شريف بگٽي، مهراب خان کوسو، گلزار خان پٺاڻ، ارباب ابراهيم راهمون، يار جان بروهي، نور نواز پٺاڻ، ظفر خان پٺاڻ، محمد اسحاق بگٽي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عروج تي پهچي چڪي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.