3 ڏينهن اڳ کنڀيل گل حسن چانڊيو به آزاد

قمبر( ڊر) ٽي ڏينهن اڳ پوليس رينجرس ۽رياستي ادارن هٿان کنڀي گم ڪيل گل حسن چانڊيو بازياب ٿي گهر پهچي ويو ٽي ڏينهن اڳ قمبر لڳ نور واھ ڀرسان رياستي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڊاڪٽر گل حسن چانڊيو جي گهر مٿان چڙهائي ڪري 3عورتن ۽ هڪ نينگري سميت ڊاڪٽر گل حسن چانڊيو کي کنڀي نامعلوم جڳھ تي رکيو ويو هو جنهن مان ڪالھ رات 3عورتن ۽ هڪ ٻارڙي کي سٽي وومين ٿاڻي تان آزاد ڪرايو ويو هو ۽ ڊاڪٽر گل حسن چانڊيو کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان قمبر شهدادڪوٽ باءِ  پاس ڀرسان آزاد ڪيو ويو آهي گل حسن چانڊيو جي آزادي کان پوءِ سندن گهر ڀاتين ۽ شهرين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.