هرنائي ۾ بي ايل اي جا 6 ڄڻا مارجي ويا

هرنائي(م ڊ) سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ ڪارروائي ڪندي بي ايل اي جي ڪمانڊر سميت 6 ڄڻن کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر مطابق هرنائي جي علائقي جامبورو ويجهو هڪ ٺڪاڻي ۾ دهشتگردن جي موجودگي اطلاع تي فورسز ڪارروائي ڪئي، فورسزامن خلاف ڪم ڪندڙ غيرملڪي انسپانسرڊ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو، اهلڪار جڏهن علائقي جو گهيرو ڪري رهيا هئا ته دهشتگردن فرار ٿيڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ بي ايل اي ڪمانڊر طارق عرف ناصر سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين  ملوث ماڻهن جي خاتمي  لاءِ ڪارروايون جاري  رهنديون، بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.