مئچ ڏسڻ لاءِ يو اي اِي ويل شيخ رشيد کي وزيراعظم واپس گهرايو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي گهرائڻ تي شيخ رشيد گڏيل عرب امارات کان وطن واپس پهچي ويو، گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد گذريل ڏينهن يو اي ئي روانو ٿيو ۽ هن جو چوڻ هو ته هن وزيراعظم کان ٻن ڏينهن جيموڪل ورتي آهي ۽ هو پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو آهي، شيخ رشيد پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ گڏيل عرب امارات ويو هو جتان هو هنگامي طور تي وطن واپس اچي ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان موجوده ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گهرو وزير شيخ رشيد کي واپس وطن گهرايو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان مهانگائي جي خلاف اپوزيشن جي احتجاج ۽ راولپنڊي ۾ پابندي مڙهيل جماعت جي احتجاج جي ڪري شيخ رشيد کي واپس گهرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.