حڪمرانن ملڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، رپئي رپئي جو حساب وٺنداسين: احسن اقبال

 

ملير  (رپورٽ: جميل چانڊيو) ن ليگ جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف جي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نعري جي گونج سڄي ملڪ جي عوام، ھاري، مزدور ۽ آبادگار جو آواز آھي، جنھن ملڪ ۾ ووٽ جو احترام ناهي ٿيندو، اهو ترقي ناهي ڪري سگهندو.

گڏاپ ۾ خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي ٺھي 73 سال ٿي ويا آھن، اسان جو ملڪ خطي ۾ سڀ کان اڳتي ھو، ھاڻ حال اھو آھي ته ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا به اڳتي نڪري ويا آھن، جنھن ملڪ ۾ ووٽ جو احترام ٿيو آھي، اتي ترقي ٿي آھي، ھتي عوام جي ووٽ کي تسليم نه ڪيو ويو آھي، ووٽ جي عزت نه ڪري ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪيو ويو، ملڪ جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

هن چيو ته 2018 جو ڊرامو ٻيھر نٿو ورجائي سگھجي، 2013 ۾ ملڪ ۾ لوڊ شيڊنگ جو آزار ھيو، مسلم ليگ ن جي حڪومت ايندي ئي نواز شريف جي ويزن ۾ بجلي گھر تعمير ڪرائي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، ن ليگ جي دور ۾ ملڪ ۾ امن امان بحال ٿيو، بم ڌماڪا ٿيندا ھئا ۽ ڪراچي ۾ روز ڪيترائي لاش ملندا ھئا، ڀتا مافيا عروج تي ھئي، گھران نڪرندڙ پورھيت لاءِ پويان گھرا وارا سلامتي لاءِ دعائون گھرندا ھئا، نواز شريف ڪراچي مان بد امني کي ختم ڪراڻ لاءِ آپريشن ڪيو ۽ امن بحال ڪرايو، ڪراچي ۾ امن جون رونقون واپس آيون ۽ روشنين جي شھر جيئڻ شروع ڪيو، شهري ن ليگ کي ووٽ ڏين ڪراچي کي جنت ٺاھي ڏيکارينداسين.

سندس چوڻ هو ته گرين لائن مسلم ليگ ن جو تحفو آھي، سنڌ مان سيٽون نه ملڻ باوجود ترقياتي ڪم ڪراياسين، جيڪڏهن مسلم ليگ ن کي ووٽ ملندا ته سنڌ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندايس.

احسن اقبال چيو ته پ پ جي صوبائي حڪومت ۾ اڄ به ملير جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي کوٽ آھي، تعليم سان ئي ترقي ممڪن آھي، اسان جو وزن آھي ته ھر ضلعي ۾ يونيورسٽي جو ڪئمپس ڏيڻ گھرجي، مسلم ليگ ن جي حڪومت آئي ته ملير جي ڳوٺن لاءِ گئس ۽ ڪراچي جي شھرين لاءِ پاڻي ڏنو ويندو.

هن چيو عمران خان چوندو ھو جڏھن مھانگائي ٿيندي آهي ته حڪمران چور هوندا آھن، ھاڻي ملڪ ۾ ايتري مھانگائي آھي جو عوام مھانگاي سبب پريشان آھي، غريب ۽ سفيد پوش طبقو پريشان آھي، موجوده حڪمرانن معيشت کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، لکين ماڻھن کي بيروزگار ۽ بي گھر ڪري ڇڏيو آھي.

سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن تاريخ رقم ڪئي آھي، انھن جي قيادت قربانيون ڏنيون آھن، اڳواڻ گرفتاريون ۽ جيل ڪاٽي آيا آھن، نيب آرڊيننس ۾ چورن کي اين آر او ڏنو آھي، عمران خان کان اسان به رپئي رپئي جو حساب وٺنداسين.

تقريب کي شاهه محمد شاھه، مفتاح اسماعيل، کينئل داس، نهال هاشمي، فيروز خان، قادر بخش ڪلمتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.