ڏھرڪي: جي يو آءِ پاران ماڙي پيٽروليم ڪمپني خلاف مرحليوار جدوجهد شروع ڪرڻ جو اعلان

ماڙي پيٽروليم ڪمپني مقامي ماڻھن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي انتظاميا معرفت جميعت علماءَ اسلام  گھوٽڪي جي اڳواڻن سان ڪيل ايگريمنٽ تان ڦري وئي. معاھدي کي به ھفتا گذرڻ باوجود ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاران ڀرتي ڪيل ڌارين جي ڪٽڪ کي فارغ نه ڪيو ويو،  نه وري ھڪ به مقامي بي روزگار کي نوڪري ملي سگھي آھي. ماڙي فيلڊز ۾ روڊ رستن جي تعمير لاءِ شروعاتي ڪم به  شروع نه ٿي سگھيو آھي. جڏھن ته  ماڙي پيٽرليم ڪمپني مستقل توڙي ٺيڪيداري نظام ھيٺ ڪم ڪندڙ ملازمن جي فھرست جي يو آءِ کي ڏيڻ کان لنوائي رھي آھي. ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي دلاسن خلاف جميعت علماءَ اسلام گھوٽڪي پنھنجي احتجاج جو دائرو ضلعي گھوٽڪي جي پنجن ئي تعلقن تائين وڌائيندي ماڙي پيٽروليم ڪمپني سان ھڪ ھڪاڻي ڪرڻ لاءِ موثر احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ جي يو آءِ جي ضلعي امير مولانا اسحاق لغاري، اسد محمود مھر، مولانا سراج چنا،  مولانا قاسم ۽ ٻين گلاب شاھ لڳ واقع مدرسي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ماڙي پيٽروليم جي زيادتين کي ھتان جا چونڊيل نمائندہ ۽ علائقي جا وڏيرا ھٿي وٺرائي رھيا آھن.هنن چيو ته اسان  جي يو آءِ جي پليٽ فارم تان ماڙي پيٽروليم ڪمپني خلاف سڄي ضلعي اندر مرحليوار تحريڪ جو اعلان ڪريون ٿا. پھرين مرحلي ۾ 28 آڪٽوبر تي خانڳڙھ تعلقي ۾ احتجاج ڪرڻ بعد ڌرڻو ھنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.