شھدادڪوٽ: قبرستان بچايو تحريڪ جي اڳواڻن پاران اثرائتي احتجاج جو اعلان

شھدادڪوٽ ۾ قبرستان بچايو تحريڪ جي  اڳواڻن ضلعي ۽ تعلقي جي انتظاميا پاران قبرستانن تي ٿيل بااثر ماڻهن جي قبضن خلاف اثرائتي ڪاروائي نه ڪرڻ تي سندن خلاف مڪمل بي اعتمادي ظاهر ڪندي احتجاجي تحريڪ کي تيز ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي,شھدادڪوٽ پريس ڪلب ۾ اڳواڻن ڪامريڊ الطاف سومرو,ڪامريڊ حبدار ميرجت,ايڊوڪيٽ ابرار سومرو,سماجي اڳواڻ معتبر چانڊيو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ جاويد نبي کوسو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ سجاد حيدر قادري عدالت جي حڪم کي به نظر انداز ڪري رھيا آهن جنهن جو واضح ثبوت شھدادڪوٽ جي قبرستانن تي بااثر ماڻهن جي ٿيل قبضن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ مان ظاهر آهي,ھنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ قبرستان بچايو جدوجهد پاران شھدادڪوٽ ۾ پھتل صوبائي وزير عبدالباري پتافي آڏو ڪيل احتجاج دوران صوبائي وزير ڊپٽي ڪمشنر جاويد نبي کوسو کي قبرستانن تي ٿيل قبضن خلاف ڪاروائي جي ھدايت ڪئي ھئي پر ڊپٽي ڪمشنر صوبائي وزير جي حڪم کي به ھوا ۾ اڏاري ڇڏيو ۽ اڄ تائين ڪا خاص ڪاروائي ڪونه ڪئي آهي، ھنن انتظاميا کي چتاء ڏنو ته جيڪڏهن قبرستانن تان قبضا ختم نه ڪيا ويا ته جلد سندن آفيسن آڏو احتجاجي ڌرڻو ھڻڻ سان گڏ توھين عدالت جو مٿن ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.