ٿولهه کان پريشان ماڻهن جو مسئلو حل، کائو ۽ وزن گهٽايو

واڌو چرٻي، وزن وڌيل هجڻ يا ٿولهه جيڪڏهن ڪير به انهن مسئلن جو شڪار آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته توهان انهن مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.

اها ڳالهه ته يقينن توهان سڀني کي وڻندي ته بنا بک ڪٽڻ ۽ کاڌو گهٽائڻ جي به وزن گهٽائي ۽ ٿولهه ختم ڪري سگهجي ٿي.

پر جيڪڏهن هتي توهان کي ائين چئجي ته توهان ڪجهه شيون کائي پنهنجو وزن گهٽائي ٿولهه ختم ڪري سگهي ٿو ته اهو ڪيترو نه سُٺو محسوس ٿيندو؟

ته پوءِ اچو ته اسان توهان کي ٻڌايون آخر اهي ڪهڙيون شيون آهن جن جي کائڻ يا پيئڻ سان توهان وزن گهٽائي ۽ پنهنجي ٿولهه کي ختم ڪري سگهو ٿا.

ليمو

ليمو وٽامن سِي سان ڀرپور هوندو آهي، ليمو ميٽابولزم تيز ڪرڻ سان گڏ مدافعتي قوت کي به مضبوط ڪندو آهي.

ليمو بيمارين کي بچائڻ سان گڏ چرٻي کي ڳاريندو آهي، ٿولهه جو شڪار ماڻهو روز هڪ ڪوپ ليمو استعمال ڪيو.

ليمي کي سلاد ۽ ٻوڙ تي هاري استعمال ڪري سگهجي ٿو، ليمو پاڻي ۾ وڌيڪ لوڻ ۽ کنڊ جو استعمال نه ڪيو.

نيم گرم پاڻي ۾ ليمي جو استعمال گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

گريپ فروٽ

گريپ فروٽ جنهن کي سنگترو به چيو ويندو جيڪو انوکي ڪيميائي خاصيتن جي بنياد تي ٿولهه تي ضابطو ڪرڻ جي لاءِ بهتر فروٽ آهي.

وٽامن سي سان ڀرپور ان فروٽ مان انسولين سطح برقرار رهڻ ۾ مدد ملندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جسم ۾ چرٻي جي جمع ٿيڻ واري عمل ۾ گهٽتائي ايندي آهي ۽ جسماني وزن به گهٽبو آهي.

سنگتري ۾ تمام گهٽ ڪيلوريز هونديون آهن جڏهن ته ان ۾موجود فائبر سان پيٽ کي ڀرڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ گهڻي دير تائين بُک جو احساس ناهي ٿيندو.

ڪيلو

ڪيلا پوٽاشيم سان ڀرپور هوندا آهن، ڪيلن جو وڌيڪ استعمال وزن کي وڌائڻ آهي جڏهن ته روز هڪ يا ٻه ڪيلا کائڻ سان ميٽابولزم جي رفتار تيز ٿيندي آهي ۽ ورزش جي صورت ۾ متاثر ٿيندڙ پٺن جي به مرمت ڪندا آهن.

مالٽو، ڪينو، نارنگي ۽ موسمي

ٿڌي موسم ايندي ئي وڌيڪ فروٽ مالٽن ۽ نارنگين جي به آمد ٿيندي آهي جيڪي وٽامن سِي سان ڀرپور هوندا آهن ۽ وزن ۾ گهٽتائي آڻڻ سان گڏوگڏ خوبصورتي ۾ به واڌ ڪندا آهن.

هڪ تحقيق موجب ٻن مهينن تائين مالٽي جي رس پيئڻ سان نقصانڪار ڪوليسٽرول جي سطح ۽ وزن ۾ وڏي گهٽائي اچي ويندي آهي.

بيريز

جيڪي به بيريز هوندا آهن اهي اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندا آهن جيڪو وزن گهٽائڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪندو آهي، انکانسواءِ اهي وٽامن سي سان به ڀرپور هوندا آهن.

ٻير، اسٽرابيري، ڄَمون ۽ فاروا به بيري جي قسمن ۾ شمار ٿيندا آهن، ڄَمون، فارون ۽ اسٽرابيري جو استعمال ڪيو وڃي ته اهي بلو بيريز جيترو ئي فائدو ڏيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.