پاڪ- ڀارت مقابلو: اسان کي بس سٺو کيڏڻو آهي: ويرات ڪوهلي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان سميت هر ٽيم خلاف اسان جي تياري مڪمل آهي.

دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ويرات ڪوهلي چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ اسان ڪڏهن به رڪارڊ بابت ناهي سوچيو، ماضي جي رڪارڊ کي ڪڏهن ناهيون ڏسندا، ڇو ته ان سان ٽورنامينٽ تان ڌيان هٽي ويندو آهي.

هن چيو ته پاڪستاني ٽيم مضبوط آهي ۽ مضبوط رهي آهي، پاڪستان وٽ وڏو ٽئلينٽ آهي، انهن وٽ اهڙا رانديگر آهي، جيڪي ميچ جو پاسو مٽائي سگهن ٿا، اسان کي پلان موجب ميدان ۾ لهڻو پوندو آهي، اسان کي بس ان ڏينهن سٺو کيڏڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته اها دٻاءَ واري ميچ هوندي آهي پر اسان کي بس فوڪس ڪري کيڏڻو آهي، ميچ کان ٻاهر ڪجهه به ٿئي پر اسان جو مائينڊ سيٽ تبديل ناهي ٿيندو، گرائونڊ ۾ به ماحول مختلف هوندو آهي پر کيڏڻ جي انداز ۾ فرق ناهي ايندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.