اوٻاوڙو: ھٿياربندن ھٿان شھيد ٿيل اسپيشل برانچ جي پوليس اھلڪار جي جنازي نماز ادا

اوٻاوڙو ۾ ھٿياربندن ھٿان شھيد ٿيل اسپيشل برانچ جي پوليس اھلڪار سلطان احمد رند جي جنازي نماز حسيني امام بارگاهه مسلم ڪالوني ريتي روڊ اوٻاوڙو ۾ ادا ڪئي وئي ، شھيد اھلڪار جي نماز جنازا ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي،  جنهن ۾ پي ٽي آء ايم پي آي سردار شھريار خان شر ‘ سينيٽر ڄام مھتاب جي فرزند ڄام ياور خان ڏھر ” ڊي ايس پي محمد پناهه ڀٽو ڊي ايس پي اسپيشل برانچ سکر مظهر حسين ڪورائي ” ايس ايڇ او سيد قلب عباس شاهه ” سينئر صحافي محمد پنھل سمون ” صحافي علي گل شيخ” علي حسن شيخ ” صحافي محمد اسلم شر سميت سياسي سماجي توڙي پوليس جي اعليٰ عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،  جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شھيد اھلڪار کي گارڊ آف آنر  پيش ڪيو ويو،  جنهن بعد شھيد اھلڪار کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان پير احمد شيخ ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.