ڄامشورو: وڌندڙ مهانگائي خلاف ٽرڪن ۽ ڊمپر مالڪن جي تنظيم جي سڏ تي احتجاجي ڌرڻو

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ايسوسيئشن آف رائيٽ اينڊ ڊولپمينٽ فار ٽرانسپورٽ سنڌ جي سڏ تي ڄامشورو ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڄامشورو ٽول پلازه ڀرسان سوين ٽرڪون ۽ ڊمپر بيهاري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ، احتجاجي ڪئمپ جي اڳواڻي ڪندڙ ايسوسيئشن اڳواڻ محمد شريف بگٽي, مهراب خان کوسو, گلزار خان پٺاڻ, محمد اسحاق بگٽي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ماڻهن کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي , هنن چيو ته هڪ طرف ڊيزل, ٽائرن ۽ ٻين شين جا ريٽ چوٽ چڙهيل آهن ته ٻئي طرف وري حڪومتي ۽ لوڪل سطح تي ٽيڪسز سبب انتهائي سخت پريشانين مان گذري رهيا آهيون, موٽر وي ٽيڪس, ٽول ٽيڪسز ۽ ضلعي ٽيڪس سميت مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ هزراين رپيا حڪومت کي ٽيڪس ڏيون ٿا ان باوجود اسان سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن, هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ انهن مٿان مڙهيل ڳرين ٽيڪسن کي گهٽايو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.