سکر:ضمانت جي مچلڪن جمع ڪرائڻ بعد خورشيد شاهه کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ   جي سپريم ڪورٽ مان ضمانت منظور ٿيڻ بعد ضمانت جا مچلڪا ۽ ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، ضمانت واري آرڊر جي تصديق ٿيڻ بعد احتساب عدالت  جي جج فريد انور قاضي  خورشيد شاھ کي طلب ڪري ورتو ۽ ضمانت واري درخواست ۽  فيصلي وارن ڪاغذن تي صحيحون ورتيون ويون  ان کانپوء  عدالت خورشيد شاھ  جي آزادي جو پروانو جاري ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ، ڪارڪنن عدالت ٻاھران خورشيد شاھ  تي گلن جي ورکا ڪئي جڏھن ته ٻيھر خورشيد احمد شاھ کي سکر جي سينٽرل جيل طرف روانو ڪيو  ويو ، ڪارڪنن پاران خورشيد شاهه جي  جيل وٽ شاندار استقبال ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون،  خورشيد شاھ کي سکر جي سينٽرل جيل کان ان جي  رھائش اگاھ تي ريلي جي صورت ۾ پھچايو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.