ڪوٽڙي: مختلف برادرين جي اڳواڻن ۽ سوين معززن جي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل تعلقا ڪوٽڙي پاران خدا جي بستي ۾ جلسو ڪوٺايو ويو،  جلسي ۾ مهمان خاص مسلم ليگ (ف) سنڌ جو نائب صدر فقير خضر حيات مڱريو هو جڏهن ته  ضلعي صدر صالح محمد شاه , ميان خان بليدي, حق نواز برهماڻي توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي جلسي ۾ مختلف برادرين جي اڳواڻن عبدلمالڪ ڪالادي, منظور ابڙو, اڪبر سولنگي سميت سوين معززن مسلم ليگ فنڪشل تي اعتماد ڪندي شموليت اختيار ڪئي ، ان موقعي فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر فقير خضر حيات جو چوڻ هو ته ماضي ۾ جيڪي حڪمران آيا انهن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي عوام کي ڳاٽي ٽوِڙ مهانگائي جي ور چاڙهي ڇڏيو ، هن وڌيڪ چيو ته عوام ۾ شعور اچي ويو آهي،  اڄ ڪوٽڙي سائيٽ جي عوام ثابت ڪيو ته لٽيرن جاگيردارن مان بيزار ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.